نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
ٽرمپ ۽ ڪم جونگ جي دشمني دوستي ۾ تبديل، اتر ڪوريا پاران جوهري پروگرام جي خاتمي جي خاطري، 4 نقطن تي اتفاق

سنگاپور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ جي دشمني دوستي ۾ تبديل، اتر ڪوريا پاران جوهري پروگرام جي خاتمي جي خاطري، 4 نقطن تي اتفاق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته امن ۽ خوشحالي لاءِ خطي کي ائٽمي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، اتر ڪوريا جي سربراهه ٻڌايو ته ائٽمي ٽيسٽنگ سائيٽ تباهه ڪئي پئي وڃي، في الحال اتر ڪوريا تي پابنديون برقرار رهنديون. اتر ڪوريا جي صدر ڪم جونگ ان سان تاريخي ملاقات کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان وچ ۾ خاص لاڳاپا قائم ٿيا آهن. هن چيو ته اتر ڪوريا جي سربراهه ثابت ڪيو ته هاڪاري تبديليون آڻي سگهجن ٿيون، ماضي مستقبل جي ترجماني نه ڪندو آهي، اسان نئين تاريخ لکڻ وڃي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته دنيا تمام جلد وڏي نئين تبديلي ڏسندي، جنگ هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر امن بهادر ماڻهو ئي آڻي سگهن ٿا.اتر ڪوريا جي سربراهه ٻڌايو ته اتر ڪوريا جو سربراهه چاهي ٿو ته دنيا سان سندس لاڳاپا قائم ٿين. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سربراهه ملاقات جي ميزباني تي چين جو ٿورائتا آهيان، سربراهه ملاقات کانپوءِ دنيا سان مخاطب ٿيڻ اعزاز آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا جو تڪرار جلد ختم ٿي ويندو، جنگ هر ڪو ڪري سگهي ٿو پر امن بهادر ماڻهو ئي آڻيندا آهن. سندس چوڻ هو ته روشن مستقبل لاءِ ڪم جونگ ان جي دليراڻي قدم تي سندس ٿورائتو آهيان، اڄوڪو ڏينهن تاريخ لاءِ نهايت اهم آهي. آمريڪي صدر چيو ته ڏکڻ ڪوريا ۾ اڃا به اسان جا 32 هزار فوجي موجود آهن،  بي شڪ مخالف به دوست بڻجي سگهن ٿا، اسان نئين تاريخ جي شروعات ۽ پنهنجي قومن لاءِ نئين باب جي شروعات ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته  اتر ڪوريا جا ائٽمي هٿيار ختم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، ڪم جونگ ان تمام گهڻو قابل ۽ باصلاحيت شخص آهي، ائٽمي هٿيارن جو خاتمو مڪمل ۽ قابل تصديق هوندو. جڏهن ته سنگاپور ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽  اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ وچ ۾ ٿيندڙ پهرين ۽ تاريخي ملاقات جي گڏيل پريس ريليز جاري ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن وچ ۾ سنگاپور جي خوبصورت ٻيٽ  سينٽاسو جي هوٽل ۾ 48 منٽن تائين روبرو تاريخي ملاقات جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي.  جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ري پبلڪ آف ڪوريا جي چيئرمين ڪم جونگ جي وچ ۾جون  12،  2018 تي سنگاپور ۾ پهرين ۽ تاريخي ملاقات ٿي، ٻنهي مخالفن جي وچ ۾ هڪ نئي، مضبوط ۽ بهتر لاڳاپن لاءِ گڏيل ، دوستاڻي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته جيئن ڪوريا ۾ پائيدار ۽ مضبوط امن قائم ڪرڻ جي بنياد رکي سگهجي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ کي اتر ڪوريا جي سلامتي کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني جنهن جي جواب ۾ ڪم جونگ اُن آمريڪي صدر کي جوهري پروگرام جي مڪمل خاتمي جو يقين ڏياريو، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته گڏيل خشگوار لڳاپا اتر ڪوريا ۽ دنيا جي امن لاءِ انتهائي فائيديمند ثابت ٿيندا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن هٺين چئن نڪتن تي اتفاق ڪيو،  چئن نقطن ۾ ٻنهي ملڪن پنهنجي پنهنجي ملڪ جي عوام جي اميدن ۽ خوشحالي کي نظر ۾ رکندي امن امان ۽ مضبوطي لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن هڪ نئين مضبوط تعلق جي عزم جو اظهار ڪيو. 2 -ڪوريا ۾ پائيدار  مضبوط امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا گڏيل جدوجهد ڪندا، 3-اتر ڪوريا هلندڙ سال 27 اپريل تي جاري ڪيل پنمجوم پڌرائي ته عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائيندي، ڪوريا کي جوهري هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي  سٺا قدم کڻندو. 4 – آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جنگ دوران پنهنجن ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ سنجيدا ڪوششون ڪندا ۽ جن جي سڃاڻپ ٿي ويندي انهن کي فوري طور تي ملڪ واپس اُماڻيو ويندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها تاريخي ملاقات ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏهاڪن تائين جاري تڪرار ۽ دشمني کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، طئي ٿيندڙ معاملن تي عمل ڪرائڻ جي نگراني لاءِ آمريڪا جي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو اتر ڪوريا جي لاڳاپيل اعليٰ اختيارين سان ملسل رابطي ۾ رهندو ۽ جلد ٻنهي ملڪن جي اهم اختيارين طرفان ان حوالي ٿيندڙ اجلاس جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو .