نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون دهشتگردي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  آرمي چيف  قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي ڪنڊيدار تارون دهشتگردي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي، ٻنهي ملڪن جو عوام جي و ۾ ناهي .  ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب  آرمي چيف  پنهنجي ڪابل جي دوري  دوران افغان عملدارن  کي طالبان سان عيدالفطر جي موقعي تي  ڪيل فائربندي تي مبارڪبا ڏني . آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪابل جي دوري کانپوءِ وطن واپس آيو آهي . ان دوري ۾ هن افغان صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو  سان اهم ملاقات  ڪئي . پاڪ فوج جي ترجمان  ( آءِ ايس پي آر ) موجب آرمي چيف  دوري  ۾ اشرف غني  ۽ عبدالله  کانسواءِ اتحادي فوج جي سربراهه جان نڪلسن سان به ملاقات ڪئي. جنرل قمر جاويد باوجوا  واضح ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ جٽا دار امن جو خواهشمند آهي . پاڪستان امن ۽ استحڪام جي ڪوشش ۾ وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن .  آءِ ايس پي آر موجب  ان ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل ، داعش خلاف قدمن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي .  آرمي چيف چيو ته  هاڻي سماجي  ۽ اقتصادي  ترقي لاءِ قدم وڌائي رهيا آهيون  . پاڪ افغان  بارڊر  تي ڪنڊيدار تار دهشتگردن جي چرپر  روڪڻ لاءِ آهي .  افغان صدر اشرف غني  جٽا دار امن ۽ استحڪام  لاءِ  سهڪار  تي آرمي چيف  جو ٿورو مڃيو . افغان صدر علائقائي  ترقي ، فائربندي  بابت  به ڳالهه ٻول ڪئي  . ياد رهي ته آرمي چيف  افعان صدر اشرف غني جي دعوت تي ڪابل جو هڪ ڏينهن جو دور و ڪيو هو