نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
پرويز مشرف جون سموريون رنڊڪون ختم ڪيون، دلير آهي ته ڏيهه واپس اچي پنهنجي طاقت ڏيکاري: چيف جسٽس

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي رستي جون سموريون رنڊڪون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اڳوڻو صدر اچي ۽ پنهنجي طاقت ڏيکاري، ڏسون ٿا ته سندس بهادري آهي اچي ٿو يا نه ؟ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جاويد هاشمي، عابده حسين، غلام مصطفيٰ کر ۽  حاصل بزنجو، ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، اسد دراني، روئيداد خان ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته رڳو ايم ڪيو ايم جي آفاق احمد رقم وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سياستدانن رقم ورتي آهي ته کين خدا کي به جواب ڏيڻو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته بچاءَ واري وزارت کي چئو ته اسان جي سوالن جو جواب ڏنو وڃي. چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته بچاءَ واري وزارت ۽ سمورا کاتا ايف آءِ اي جي جاچ ۾ سهڪار ڪن ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ئي ڊي جي ايف آءِ اي رهندو. چيف جسٽس چيو ته افسوس آهي ته اسان ڌرتي ماءُ جو بچاءُ نه ڪري سگهياسين، وقت اچي ويو آهي ته ايندڙ نسل کي ڪرپشن فري پاڪستان ڏيڻو آهي. هن چيو ته پرويز مشرف جي رستي ۾ رنڊڪون ختم ڪري ڇڏيون آهن، مشرف اچي ۽ پنهنجي طاقت ڏيکاري، ڏسون ٿا سندس بهادري ته هو اچي ٿو يا نه ٿو اچي. چيف جسٽس چيو ته اسد دراني چوي ٿو ته سياستدانن کي رقم ڏني آهي، سياستدانن نه چوندا ته هنن رقم ورتي آهي. ٻئي پاسي اٽارني جنرل پرويز مشرف جي نااهلي خلاف درخواست تي جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ عدالتي روپوش هئڻ جي بنياد تي مشرف جي درخواست خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. اٽارني جنرل چيو ته قانون جي نظر ۾ عدالتي روپوش جا ڪي به حق نه هوندا آهن، سرينڊر ڪرڻ تائين روپوش ڪنهن به عدالتي رليف جو اهل نه هوندو آهي. هن چيو ته ججن کي نظر بند، ميڊيا تي پابندي ۽ عدالتي نظام تباهه ڪرڻ جي الزام آهن، پشاور هاءِ ڪورٽ جو مشرف جي تاحيات نااهلي جو فيصلو درست آهي. سندس چوڻ هو ته تازن فيصلن موجب آرٽيڪل 62 تحت نااهلي تاحيات رهندي، عدالتي ڊڪليئريشن جي موجودگي تائين تاحيات نااهلي برقرار رهندي، اڳوڻي صدر جي تاحيات نااهلي خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي آهي.