نئون ديرو لڳ ڀٽا کهڙا تڪرار وري ڀڙڪي پيو، نوجوان ڌنار قتل، هٿياربند 60 ڍور ڪاهي ويا****شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، 28 ڪروڙ کان وڌيڪ جا اثاثا ظاهر****وينٽي ليشن گهٽ ڪرڻ تي امڙ ردعمل ظاهر ڪندي آهي: مريم نواز****ٽنڊو غلام علي ڀرسان گهريلو تڪرار تان سس ڦاهو کائي ڇڏيو، خوف وچان ننهن به خودڪشي ڪئي
ڪپور ڪڏهن به سنجي دت نٿو بڻجي سگهي: ارشد وارثي

ممبئي(ڪلچرل نيوز) باليووڊ جي مزاحيه اداڪار ۽ سنجي دت جي ساٿي ارشد وارثي چيو آهي ته رنبير ڪپور ڪڏهن به سنجي دت نٿو بڻجي سگهي. سنجي دت جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ”سنجو“ اڃان ريليز به ناهي ٿي ۽ هر پاسي فلم جي چرچا آهن، ڪو فلم ۾ رنبير ڪپور جي اداڪاري جي تعريف ڪري رهيو آهي ته ڪنهن کي وري رنبير جي سنجي دت جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اعتراض آهن. فلم منا ڀائي سريز ۾ سنجي دت جي ساٿي اداڪار ارشد وارثي (سرڪٽ) چيو آهي ته فلم سنجو ۾ اداڪار رنبير ڪپور سٺو لڳي رهيو آهي، پر ڪنهن ٻئي انسان جيان ڳالهائڻ ۽ ڪنهن ٻئي جيان نظر اچڻ ٻه الڳ ڳالهيون آهن. سنجي دت ته سنجي دت آهي، ڪو به اداڪار سنجي دت جو ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي، توهان ڀلي ڪجهه به ڪريو پر ان جيان نٿا بڻجي سگهو. فلم انڊسٽري ۾ رڳو هڪ ئي سنجي دت آهي کي هن کي لڳي ٿو ته  ڪو ٻيو هن جهڙو ٿي ئي نٿو سگهي.  ياد رهي ته ارشد وارثي کان اڳ باليووڊ سلطان سلمان خان پڻ رنبير ڪپور جي سنجي دت جو ڪردار ادا ڪرڻ اعتراض واريندي چيو هو ته هن کي اها ڳالهه سمجهه نٿي اچي ته فلم سنجو ۾ سنجي جو ڪردار ڪنهن ٻئي اداڪار جو ادا ڪيو، هن فلم سنجي کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته ڪو ٻيو هن جي ڪرادر سان انصاف نٿو ڪري سگهي.