ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
نواز شريف خلائي مخلوق جي ڳچيءَ ۽ ننڍو شريف وري ان جا پير پڪڙي ويٺل آهي: عاجز ڌامراه

حيدرآباد(رپورٽ: غلام حسين خاصخيلي) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران پاڻي جي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گيس جو حق سنڌ کي نه ملڻ تي وفاقي حڪومت خلاف اڄ حيدرآباد ۾ هٽڙي باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو، ڌرڻي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا، ڌرڻي ۾ پ پ سنڌ جي قيادت سميت حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن مان هزارين ڪارڪن شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ڌرڻي جي انتظامي ڪاميٽيءَ جي سربراهه عاجز ڌامراهه ڪالهه حيدرآباد ڪلب ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل مانجهاندي جي دعوت جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي سرڪار پاڻي، بجلي ۽ گيس سميت ٻين معاملن ۾ سنڌ سان ناانصافي ڪري رهي آهي، اهڙي ظلم خلاف سنڌ جو عوام حيدرآباد ۾ تاريخي ڌرڻو هڻي وفاق جي نانصافي خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 19 19 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته پنجاب ۾ صرف ٻه ڪلاڪ ۽ پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي جي ضلعي کي لوڊشيڊنگ فري قرار ڏنو ويو آهي. سنڌ جي عوام کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي جو هڪ پاسي پاڻي جي کوٽ پئدا ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو عزاب برپا ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي پڇڙي جي علائقن ۾ ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن، جنهن ڪري سنڌ جو عوام وفاقي حڪومت تي سخت ناراض آهي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خاص طور پاڻي جي کوٽ، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گيس جو جائز حصو نه ملڻ خلاف سي سي آءِ ۾ بار بار احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، پر وفاق ان جو ازالو ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، جنهن ڪري اسان مجبور ٿي ڪري ڌرڻو هڻي رهيا آهيون. هن چيو ته نواز شريف خلائي مخلوق جو ڳچي ۽ ننڍو شريف وري ان جا پير پڪڙي ويٺو آهي. هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ مسلم ليگ ن نه رهندي ۽ جيڪڏهن شهباز شريف نواز شريف جي موجوده بيان سان بيٺل رهيو ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ جو ڪوبه مستقبل نه هووندو. هن چيو ته نااهل وزيراعظم ۽ شوباز شريف وڏي واڪي لوڊ شيڊنگ جي خاتمي جون دعوائون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، ڇو ته ملڪ ۾ اڄ به بجلي جو بحران موجود آهي جڏهن ته ماڻهو هر روز بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ 71 سيڪڙو گيس پئدا ڪري ٿي ۽ آئين مطابق صوبو پنهنجي کپت پوري ڪرڻ بعد بچت ٻين صوبن کي فراهم ڪرڻ جي بابند آهي، پر جيڪو صوبو 4 کان 6 سيڪڙو گيس پئداوار ڏئي ٿو ۽ ان جي کپت 90 سيڪڙو آهي اهو سنڌ جو گيس سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته سنڌ کي صرف 38 سيڪڙو گيس ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته شوباز شريف سنڌ ۾ اچي چوي ٿو ته اقتدار ۾ اچي سنڌ کي پنجاب پڻائينداسين، ڇا نواز ليگ 5 سالن کان اقتدار ۾ نه هئي جو هن کي هاڻي سنڌ ياد آئي آهي. وفاقي سرڪار ٻڌائي ته هن سنڌ کي ڪهڙي وفاقي ترقياتي منصوبي ۾ شامل ڪيو آهي. هن چيو ته ونڊ ۽ سولر بجلي منصوبن جي درخواست 5 سالن کان پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزارت وٽ پيل آهي پر اڃا تائين سنڌ کي انهن منصوبن تحت بجلي پئداڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي. هن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان مخاطب ٿيندي چيو ته هو اڃا 15 ڏينهن تائين وزيراعظم آهي جيڪڏهن سنڌ جا اهي مسئلا حل ڪرن چاهي ٿو ته حل ڪري. ان موقعي تي پ پ حيدرآباد ڊويزن جو صدر سيد علي نواز شاهه رضوي، اڳوڻو ايم پي اي پير امجد شاهه جيلاني، دوست علي جيسر، مير شيرمحمد ٽالپر، ميرخان محمد ٽالپر، آفتاب خانزادو، احسان ابڙو، عامر لغاري، نذير احمد ڪيريو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.