ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
وزيراعظم فوري طور عهدي تان استعيفيٰ ڏئي: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ادارا نواز شريف کان جاچ ڪن، شاهد خاقان عباسي وٽ هاڻ وزير اعظم جي عهدي تي رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. پي ايس پي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو بيان رد ڪندي شاهد خاقان عباسي کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته نواز شريف ادارن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي لاءِ اِهو بيان ڏنو، لڳي ٿو ته بادشاهه سلامت ڪاوڙ ۾ آهي ته سندس احتساب ڇو پيو ڪيو وڃي. پي ايس پي جي چيئرمين مطالبو ڪيو ته قومي سلامتي واري اداري نواز شريف کي ويهاري پڇا ڳاڇا ڪئي، پتو لڳايو وڃي ته ڪهڙن ڪهڙن قومي رازن تي سمجهوتو ڪيو ويو. هن چيو ته نواز شريف بيان ڏئي پنهنجا بيان به مٽي ۾ ملائي ڇڏيا، ان بيان مسلم ليگ ن جي سربراهه نقاب لاٿو. مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪڏهن به ڪلڀوشن جو نالو ناهي ورتو، سٺو آهي عوام نواز شريف جو اصل چهرو ڏسي ورتو، نواز شريف ٽي ڀيرا وزير اعظم رهيو، اهڙي بيان تي کيس ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.