ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
بدقسمتي سان حڪومت به پاڪستان خلاف ڏنل بيانن جو حصو آهي: فواد چوڌري

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته بدقسمتي آهي ته پاڪستان جي حڪومت پڻ پاڪستان جي خلاف ڏنل بيانن جو حصو آهي. ۽ موجوده سياسي صورتحال ۾ قومي سيڪيورٽي ڪونسل جي طرفان رڳو مذمت ڪافي ناهي، ان معاملي تي اجلاس ٻيهر گهرايو وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران فواد چوڌري چيو ته احتساب عدالت جو فيصلو اچڻ وارو آهي ان کان اڳ نواز شريف عالمي طاقتن کي ان معاملي ۾ وجهي ان کي معاملي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم شاهد خاقان عباسي رياست کان وڌيڪ نواز شريف جو وفادار ثابت ڪرڻ ۾ لڳل آهي، وزير اعظم ۽ شهباز شريف پاڻ کي نواز شريف کان ڌار ڪن. فواد چوڌري مطالبو ڪيو ته نواز شريف اڄ ڊان ليڪس جي تصديق ڪئي ۽ ماضي ۾ ڀارت سان گڏ سندس جيڪا پاليسي رهي آهي ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته نواز شريف ڪارگل مسئلي تي پاڪستان جي پٺي ۾ ڇرو هنيو، ڪلڀوشن ياديو جي خلاف ڪڏهن ڪجهه به نه چيو، اسان کي اها ڄاڻ هجڻ گهرجي ته نواز شريف جا ڀارت سان ڪيتري دلسچپي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي 28 جولائي 2017 واري فيصلي بعد تحريڪ انصاف جي مطالبي کي مڃيندي ٻيهر چونڊون ڪرائي ها ته ملڪي سياست ۾ ڪڏهن به اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي ها. فواد چوڌري چيو ته ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم ڪرپشن جي الزامن ۾ عهدي تان لاٿو ويو ۽ وري اهو چوي ته ڪميشن ٺاهي وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته هو تمام وڏو نااهل آهي، يا هو معاملي کي ڊيگهه ڏيڻ چاٿي ٿو.