ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
نواز شريف جن شعلن سان کيڏيو، انهن مان باهه پکڙجي سگهي ٿي: اعتزاز احسن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به دهشتگرد جي مدد ناهي ڪئي، ان ڳالهه ۾ ڪا سچائي ناهي، نواز شريف جن شعلن سان کيڏيو، انهن مان باهه پکڙجي سگهي ٿي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته اسان سڀ هڪ سطح تي پاڪستان جي ۽ پاڪستان ۾ ئي سياست ڪري رهيا آهيون، نواز شريف جنهن خلائي طاقت جي ڳالهه ڪري ٿو اها پاڪستان ۾ ناهي، عدالت سوال ڪري سگهي ٿي ته توهان جيڪو ڪجهه به چيو، ان جو حلف کڻي سگهو ٿا؟. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري مان بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جو خطرو آهي.