ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي وضاحت رد، معاملي جي جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر نواز شريف جي بيان بابت قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي وضاحت کي رد ڪندي معاملي جي جاچ ڪرڻ ۽ سکن جون فهرستون ڀارت جي حوالي ڪندڙن کي پڻ غدار قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هي. وزيراعظم جي قومي اسيمبلي ۾ بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته نواز شريف جو انٽرويو اخبارن جي زينت بڻيو، ڀارتي ميڊيا ان کي کنيو ۽ نوبت ايستائين پهتي جو قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس گهرايو ويو جنهن نواز شريف جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو. اسان نواز شريف کان پڇڻ چاهيون ٿا ته هن وقت ان بيان جي ڪهڙي ضرورت هئي. نواز شريف چوي ٿو ته هن ڇا غلط چيو آهي، اسان چئون ٿا ته سندس بيان سان ملڪي مفادن کي نقصان پهتو آهي. نواز شريف پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڃائڻ نه ٿو ڏي. شازيه مري چيو ته نواز شريف جي ان انٽوريو پٺيان پورو پس منظر موجود آهي، ان انٽرويو پاڪستانين جي احساسن کي مجروح ڪيو، عدالتي فيصلن کانپوءِ ٻن ادارن کي نشانو بڻايو ۽ ادارن کي نشانو بڻائڻ تي ڪاميابي نه ملڻ تي هاڻي ملڪ ۾ انتشار پکيڙيو پيو وڃي، نواز  شريف جو موقف ڪوڙ تي ٻڌل آهي، هو اڄ به چئي رهيو آهي ته پاڪستان سڄي صورتحال جو ذميوار آهي، پاڪستان ۾ دهشتگرد موجود آهن پر اسان انهن جي حمايت نه ٿا ڪريون. هن چيو ته نواز شريف پنهنجو سياسي ڪيريئر بچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي داءُ تي نه ٿو لڳائي سگهي، اسان کيس ائين ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان نواز شريف جي بيان کي سختي سان رد ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جي ثمن سلطانه جعفري چيو ته نواز شريف جو بيان 50 هزار شهيدن جي توهين آهي، هو چوي ٿو ته هو اڃا به پنهنجي بيان تي قائم آهي، نواز شريف وزيراعظم رهيو پوءِ ان وقت خاموش ڇو هو، نواز شريف 5 سالن تائين ڪالعدم تنظيمن کي ڪم ڪرڻ ڇو ڏنو، عهدي تان لهڻ کانپوءِ اهڙيون ڳالهيون ڇون ڪيون پيون وڃن، اسان ماڻهن کي سياسي بنيادن تي غدار قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ بيان جي مذمت ڪريون ٿا. جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله چيو ته ذميوار شخص پاران اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، قومي سلامتي ڪميٽي ۽ آرمي چيف به ان جي مذمت ڪئي آهي، ان ڳالهه جي به جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪٿي بيان کي ٽوڙي مروڙي ته پيش ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن هو صفائي نه ٿا ڏين ته ملڪي سالميت جي خلاف ورزي تي ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪارروائي صرف نواز شريف جي خلاف نه هجي، 1988ع ۾ جنهن وزيراعظم سکن  جي نالن جي فهرست ڀارت کي ڏني ان به غداري ڪئي ان جي خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي رانا محمد حيات چيو ته نيب طرفان جيڪو الزام لڳايو ويو آهي ان تي ايوان جي ڪميٽي ٺهڻ گهرجي پر هي ڪميٽي اڃان تائين ناهي ٺهي، ان لاءِ منهنجي تجويز آهي ته هي معاملو قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، ان کانپوءِ چوڌري اشرف ان معاملي تي ڳالهايو ۽ معاملو لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي صدر نشين زاهد حامد چيو ته ان معاملي جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. جنهن کانپوءِ مخالف ڌر وزيراعظم جي بيان جي خلاف واڪ آئوٽ ڪري وئي.