ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
پتو لڳايو وڃي ته ملڪ کي هن سطح تي ڪنهن پهچايو آهي، دهشتگردي جو بنياد ڪنهن رکيو ۽ صورتحال جو ذميوار ڪير آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم نواز  شريف قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کي رد ڪندي چيو آهي ته هاڻي پتو لڳايو وڃي ته ملڪ کي هن سطح تي ڪنهن پهچايو آهي، دهشتگردي جو بنياد ڪنهن رکيو ۽ صورتحال جو ذميوار ڪير آهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ۾ حاضري کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو افسوسناڪ آهي جنهن کي آئون رد ڪريان ٿو. هن چيو ته هاڻي ان ڳالهه جو پتو لڳائڻ گهرجي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جو بنياد ڪنهن رکيو ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي، اسان جو ملڪ ڪيترو پيارو هو هاڻي ان کي ڏسي تڪليف ٿئي ٿي، هاڻي اهو به معلوم ڪيو وڃي ته ملڪ کي هن حالت ۾ ڪنهن پهچايو آهي. هن چيو ته ڪير مون کي ٻڌائي ته ڪهڙو ملڪ اسان سان گڏ بيٺل آهي، دنيا ۾ اسان اڪيلا ٿي ويا آهيون، قومي ڪميشن قومي ضرورت آهي، ٻين ملڪن سان اسان جون دوستيون ٿينديون رهنديون آهن، خواجه آصف کان پڇيو وڃي ته ٻين ملڪن منهنجي لاءِ ڇا چيو آهي. هن چيو ته ڊان ليڪس جي وقت سيڪيورٽي اجلاس ۾ به اهي ئي ڳالهيون ڪيون هيون ۽ سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ڪيل انهن ڳالهين کي ڊان ليڪس جو نالو ڏنو ويو ۽ هاڻي وري ساڳئي راند رچائي وئي آهي. هن چيو ته هاڻي کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيڻ گهرجي ته ملڪ ۾ انهن حالتن جو ذميوار ڪير آهي. نواز شريف چيو ته سرل الميڊا جي خبر بلڪل صحيح هئي، قومي سلامتي ڪميٽي ۾ گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون هيون جنهن کي ڊان ليڪس جو نالو ڏنو ويو پر حقيقت ۾ اهي سڀئي ڳالهيون سچ هيون ۽ اها حقيقت آهي.