ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
آئرلينڊ جو مقابلو پاڪستان جي سٺي بالنگ اٽيڪ سان هو: اظهر علي

ڊبلن(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر اظهر علي جو چوڻ آهي ته آئرلينڊ جو مقابلو پاڪستان جي سٺي بالنگ اٽيڪ سان هو پوءِ به انهن سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. آئرلينڊ خلاف ميچ جي چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳالهائيندي اظهر علي چيو ته ڪيون اوبرائن بهترين بيٽنگ ڪئي، ڪيچز ڊراپ ڪرڻ اسان جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو. اظهر علي چيو ته اسان جي بالرن پهرئين سيشن ۾ سٺي بالنگ ڪئي، محمد عامر انجري جي باوجود خطرناڪ بالنگ ڪري رهيو آهي، اميد آهي ته عامر جلد انجري مان مڪمل صحتياب ٿيندو. هن چيو ته چوٿين اننگز ۾ هدف حاصل ڪرڻ آسان ناهي هوندو، اميد آهي ته اسان جي بيٽنگ لائن آخري ڏينهن تي سٺي راند پيش ڪري.