ڪوئيٽا ۾ فورسز جي ڪارروائي، آپگهاتي جيڪٽس ۽ بارودي مواد هٿ****بهارين کي شهيد ڀٽو جي دور ۾ آندو ويو، پيپلز پارٽي جي ايم سيد جي ضمانت ضبط ڪرائي: شهلا رضا****ڀارتي فوج جي اڳرائي جاري، ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري، پاڪستان جو ڀرپور جواب****ڪنهن کي حق نه هجڻ گهرجي ته هو ووٽ جي پرچي ڦاڙي اڇلائي ڇڏي: نواز شريف
ڪانز فلم فيسٽيول جي ريڊ ڪارپيٽ تي پاڪستاني سُندري ماهره خان جا جلوه

پيرس(ڪلچرل نيوز) 71 هون ڪانز فلم فيسٽيول فرانس ۾ پنهنجي پوري رنگينين سان جاري آهي، جتي پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان به جلوا ڏيکاريا. هلندڙ سال ڪانز فلم فيسٽيول ۾ پاڪستان جي مقبول اداڪارا ماهرا خان کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي هئي. ماهرا خان پنهنجي ڪيريئر جي ان اهم ترين ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ گهري نيري رنگ جي ڪپڙن جي چونڊ ڪئي جنهن کي پائي هوءِ تمام گهڻي خوبصورت لڳي رهي هئي. فيسٽيول دوران ماهرا جي ڀارتي اداڪارا سونم ڪپور سان به ملاقات ٿي.  سوشل ميڊيا تي به ماهرا جي ڪانز فلم فيسٽيول ۾ شرڪت جون تصويرون شيئر ڪيون پيون وڃن. ڪانز ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ روانگي کان اڳ نجي چينل سان ڳالهائيندي ماهرا خان جو چوڻ هو ته اهو نه صرف ان لاءِ پر پاڪستان لاءِ به هڪ تمام وڏو اعزاز آهي، جتي سموريون نظرون مون تي لڳل هونديون.