فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
ڏهه سالن کان حڪومت ڪندڙ ڪهڙي منهن سان ماڻهن کان ووٽ گهرندا: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پي ايس پي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال هندو ڪميونٽي جي هولي جي تهوار جي سلسلي ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي آهي، جيڪي ماڻهو 10 سالن کان حڪومت ڪري رهيا آهن اُهي ڪهڙي منهن سان ووٽ گهرندا. هن چيو ته پي ايس پي ۾ روزانو جي بنياد تي ماڻهو شامل ٿي رهيا آهن. ايندڙ چونڊن ۾ اسان ڪاميابي حاصل ڪنداسون ۽ ڏو وزير پي ايس پي جو ٿيندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ اهم مسئلو پاڻي جي فراهمي آهي جيڪي ماڻهو 10 سالن کان حڪومت ڪري رهيا آهن اُهي ڪهڙي منهن سان ووٽ گهرڻ ايندا ڇو ته اُنهن ڪراچيءَ جو هڪڙو به مسئلو حل نه ڪيو آهي.