فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
شهباز جون ڪوششون ناڪام، نواز شريف جو چوڌري نثار کي وري قبولڻ کان انڪار

 لاهور (م ڊ) شهباز شريف جون ڪوششون ناڪام، نواز شريف اڳوڻي گھرو وزير چوڌري نثار کي وري قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز ڪالهه ٽپهري جو اوچتو جاتي امرا پهچي ويا ۽ نواز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جي ابتدائي رپورٽ کان آگاهه ڪيو. هنن ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چونڊن تي صلاح مشورا ڪيا. نواز شريف چيو ته جسٽس اعجاز جي گهر تي فائرنگ جي مڪمل جاچ ڪرائي وڃي ۽ جوابدار جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندا وڃن. شهباز شريف کيس چوڌري نثار سان ملاقات بابت ٻڌايو ته چوڌري نثار پارٽي سان گڏ هلڻ چاهي ٿو ۽ اختلاف ختم ڪرڻ چاهي ٿو. ذريعن موجب ان ملاقات ۾ نواز شريف چوڌري نثار کي گرين سگنل نه ڏنو ۽ چيو ته مون تي ڏکيو وقت آيو ته چوڌري نثار همدردي ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ بدران ساٿ ڇڏي ويو. اهڙي شخص کي ڪيئن ٻيهر اهميت ڏيان. جڏهن ته شهباز شريف کيس قائل ڪندو رهيو اسان کي هن وقت اختلاف ختم ڪري اڳتي وڌڻ گهرجي.