فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
وزير اعظم پاران گلف شيلڊ ون جي پڄاڻي تقريب ۾ شرڪت، شاهه سلمان سان ملاقات، ٻطرفي معاملن تي ڳالهيون

دمام(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جي سعودي فرمانروا شاهه سلمان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ اهم ٻطرفن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات فوجي مشقن گلف شيلڊ ون جي پڄاڻي واري تقريب جي موقعي تي ٿي. گڏيل فوجي مشق گلف شيلڊ ون دمام ۾ پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ 24 ملڪن جي فوجي جٿن حصو ورتو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پاڪستان جو وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، بچاءَ واري وزير خرم دستگير ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير  حشام بن صديق به موجود هئا. سعودي عرب ۾ گڏيل مشق گلف شيلڊ ون جي پڄاڻي واري تقريب دمام ۾ ٿي، مشقن ۾ پاڪستان، متحده عرم امارات، مصر، ترڪي، آمريڪا، برطانيا سميت 24 ملڪن جي فوجي جٿن شرڪت ڪئي. انهن مشقن جو مقصد علائقائي ملڪن جي وچ ۾ فوجي ۽ سيڪيورٽي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ هو. وزير اعظم شاهد خاقان عباسي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي گذريل ڏينهن دمام پهتو. پاڪ فوج جا جٿا، هوائي فوج جا سي- 130 جهاز، جي ايف 17 ٿنڊر ويڙهاڪ جهاز، سامونڊي فوج جي جهازن ۽ اسپيشل سروسز گروپ جي ڪمانڊروز انهن مشقن ۾ حصو ورتو. انهن مشقن کي مختلف ملڪن جي فوجي جٿن، هٿيارن جي نظام ۽ پيشيوراڻي مهارن جي اعتبار سان خطي جي اهم ترين فوجي مشق چيو پيو وڃي.