فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي عمارت به غيرقانوني آهي ته ان کي به ڪيرايو وڃي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي عمارت به غيرقانوني آهي ته ان کي به ڪيرايو وڃي، اسان بني گالا جي اڏاوتن کي قانوني ڪرڻ جو ناهي چيو، حڪومت اسان جي مٿان الزام نه هڻي، اڏاوتن کي قانوني بڻائڻو آهي يا نه، فيصلو پاڻ ڪري. ڪالهه سومر ڏينهن غيرقانوني شادي هالن جي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته راول ڊيم جي ڀرسان شادي هال ۽ بني گالا ۾ عمران خان جي گهر سميت سڀئي اڏاوتون غيرقانوني آهن جنهن تي چيف جسٽس چيو ته گهرن کي ريگيولر ڪرڻ جو مون ته ناهي چيو، ڪيڊ واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري اڏاوتون ريگيولر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪڏهن ڪنهن کي قانوني حيثيت ڏيڻي آهي ته ڏيو جيڪڏهن ناهي ڏيڻي ته نه ڏيو باقي حڪومت اهو نه چوي ته سپريم ڪورٽ اڏاوتن کي قانوني ڪرڻ جو چيو آهي. جڏهن ته جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ ۾ ڪنهن به قسم جي اڏاوت نه ٿي ٿي سگهي جڏهن نيشنل پارڪ ۾ شادي هال ٺهيو تڏهن سي ڊي اي ڪٿي هئي جنهن تي سي ڊي اي جي ميمبر چيو ته زون ون ۾ شادي هال نان ڪمرشل جاين تي ٺهيل آهن. چيف جسٽس چيو ته اهڙيون اڏاوتون ڳٺ جوڙ سان تيار ٿينديون آهن ۽ سي ڊي اي به ان ۾ ملوث آهي. جڏهن ته شادي لان جي وڪيل چيو ته بني گالا ۾ عمران خان جي گهر سميت سڀئي اڏاوتون غيرقانوني آهن، ٻن ڪلوميٽرن جي دائري ۾ ڪيترائي شادي هال آهن، سپريم ڪورٽ جي بلڊنگ به 2 ڪلوميٽر جي اندر اچي ٿي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ جي عمارت کي به ڪيرايو وڃي جنهن تي لان جي مالڪ جميل عباسي چيو ته شادي لان قانون موجب آهي، عدليه جي بحالي واري تحريڪ ۾ 3 ڀيرا جيل ويس جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ٿي سگهي ٿو ته چوٿون ڀيرو به وڃين. چيف جسٽس پڇيو ته چڪ  شهزاد ۾ فارم هائوس سبزيون پوکڻ لاءِ ڏنا ويا پر اتي ته محل ٺهي ويا آهن، اها ايراضي ڪنهن مقاطعي تي ڏني جنهن تي وڪيل چيو ته فارم هائوسز ۾ وڏا بااثر ماڻهو رهن ٿا، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهڙا ڪهڙا بااثر آهن هڪ دفعو قانون جي حڪمراني قائم ٿي وڃي سڀ ٺيڪ ٿي ويندا، ضرورت پئي ته چڪ شهزاد فارم هائوسز جو معائنو به ڪنداسين، غريب ماڻهو  کي هڪ ڪمرو نه ٿو ملي ڇا زندگي صرف امير ماڻهن جي لاءِ آهي، هن ملڪ ۾ ان ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو. چڪ شهزاد ۾ سبزيون پوکڻ جي لاءِ ٺاهيل فارم هائوسز ۾ محل ٺاهيندڙن کي نوٽيس جاري ڪري گهرائينداسين. چيف جسٽس چيو ته آئون ڪاوڙ ۾ ڪنهن به ڪن مهٽ ناهيان ڪندو پر ميڊيا تي منهنجي لاءِ ڪن مهٽ جا لفظ هلايا وڃن ٿا ۽ هروڀرو مون کي بدنام ڪن ٿا، اسان ته صرف سوال پڇندا آهيون.