فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
مشرف دور ۾ اڳوڻي گهرو وزير آفتاب شير پائو پاران 4 هزار پاڪستاني ڊالرن عيوض غير ملڪين حوالي ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال انڪشاف ڪيو آهي ته مشرف دور ۾ اڳوڻي گهرو وزير آفتاب شيرپائو 4 هزار پاڪستاني غيرملڪين جي حوالي ڪيا ۽ ڊالر ورتا ويا، اهو نه ٻڌائيندس ته ڪيترا ڊالر ورتا ويا، پارليامينٽ کي مشرف ۽ شيرپائو جي قدم جي خلاف جاچ ڪرڻ گهرجي ها پر ايئن نه ڪيو ويو، غيرملڪي ايجنسيون ماڻهن کي گم ڪري لزام آءِ ايس آءِ تي هڻڻ چاهينديون آهن، اڪثر بازياب ٿيل ماڻهو خوف جي ڪري ڪميشن آڏو واقعا ٻڌائڻ کان انڪار ڪندا آهن، گم ٿيل ماڻهن مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ دهشتگردي ۾ ملوث نڪتا، ايم ڪيو ايم جي قيادت گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ دلچسپي نه پئي وٺي، ڪميشن وٽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا 29 ڪيس التوا هيٺ آهن جيڪي 1992ع کان 1995ع جا آهن، غيرملڪي اين جي اوز تي پابندي جي  حق ۾ آهيان، شڪيل آفريدي جي ڪردار سان عالمي اين جي اوز جي ڪم ۽ ڪردار کي ڏسي سگهجي ٿو، انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) جاويد اقبال بريفنگ ڏيندي اهم انڪشاف ڪيا. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته مشرف دور ۾ ان وقت جي گهرو وزير آفتاب شيرپائو 4 هزار پاڪستانين کي غيرملڪين جي حوالي ڪيو، پرويز مشرف پاڪستانين کي غيرملڪين جي حوالي ڪرڻ جو اعتراف به ڪيو. مشرف ۽ شيرپائو جي انهن قدمن جي خلاف پارليامينٽ ۾ آواز نه اٿاريو ويو. پارليامينٽ کي مشرف ۽ شيرپائو جي اهڙن قدمن جي جاچ ڪرڻ گهرجي، کانئن پڇڻ گهرجي ها ته آخر ڪهڙي قانوني تحت پاڪستانين کي غيرملڪين جي حوالي ڪيو ويو، ملڪ ۾ پارليامينٽ، آئين ۽ عدالتون هجڻ باوجود ڪيئن ڪنهن به پاڪستاني کي غيرملڪين جي حوالي ڪيو ويو. هن چيو ته ماڻهن جي حوالگي جو معاهدو نه هجڻ جي ڪري پاڪستانين کي ڳجهي طريقي سان غيرملڪين جي حوالي ڪيو ويو جنهن جي عيوض ڊالر ورتا ويا، اهو مون کان نه پڇيو وڃي ته ڪيترا ڊالر هئا، ملڪ دشمن ايجنسيون به گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ ملوث رهيون آهن، اهي ايجنسيون ماڻهن کي گم ڪري الزام آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ تي هڻنديون آهن. هن چيو ته آئون غيرملڪي اين جي اوز تي پابندي هڻڻ جي حق ۾ آهيان ڇو ته اهي پنهنجي ملڪن جي مفاد ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن کي فنڊنگ به اتان ملي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته آئون هيستائين انهن تي پابندي هڻي ڇڏيان ها. شڪيل آفريدي جي ڪردار انهن اين جي اوز کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان جي حوالي سان جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان انگ اکر حقيقتن جي ابتڙ آهن، بلوچستان ۾ مختلف گروپ آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو انهن سان گڏ هليا ويا آهن. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي غيرملڪي آقائن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪميشن کي 4 هزار 929 ڪيس مليا، مارچ 2011ع کان فيبروري 2018ع تائين ڪميشن 3 هزار 219 ڪيس اڪلائي ڇڏيا. هن وقت ڪميشن وٽ گم ٿيل ماڻهن جا 1710 ڪيس التوا هيٺ آهن. گذريل ٻن سالن ۾ ڪميشن کي گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ پاران 368 ڪيس مليا آهن جن مان گهڻا ڪيس سنڌ مان آهن،  آگسٽ 2016ع ۾ ڪراچي مان 68 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ويو جيڪي جيل ۾ هئا يا گهر واپس موٽي ويا هئا. ڪراچي جي 368 گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن مان 309 اڪلايا ويا، مئي 2017ع ۾ گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي جنيوا ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڪستان جي خلاف گم ٿيل ماڻهن جا 723 ڪيس داخل ٿيا، ان مان 505 اڪلائي ڇڏيا آهن باقي 218 التوا هيٺ آهن، ان مان 14 افغان شهرين جا ڪيس به آهن جيڪي 1982ع کان 1986ع تائين پاڪستان ۾ گم ٿيا. جسٽس (ر) جاويد اقبال ايم ڪيو ايم جي قيادت تي الزام هڻندي چيو ته اهي پنهنجي ورڪرن جي معاملي ۾ دلچسپي نه پيا وٺن، سڀني کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم کي حڪومت جو موقعو مليو، عشرت العباد سنڌ جو گورنر به رهيو پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم اختيار هجڻ باوجود گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ۾ سنجيدگي ظاهر نه ڪئي. ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ماڻهن جو 20 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ڪو پتو ناهي پيو. عشرت العباد گم ٿيل ماڻهن جي پونئيرن کي پلاٽ ۽ هڪ، هڪ نوڪري ڏئي معاملو ختم ڪري ڇڏيو. جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم جي 14 گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ڪميشن وٽ آهن، ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ماڻهن جو انگ خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي، ان حوالي سان گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ سنجيدگي سان نوٽيس ورتو آهي، ڪميشن وٽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا 29 ڪيس التوا هيٺ آهن جيڪي 1992ع کان 1995ع تائين جا آهن جڏهن ته ڪميٽي جي ميمبر نسيما حفيظ چيو ته منظور پشتين کي ميڊيا نظرانداز ڪري رهي آهي جيڪو گم ٿيل ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، سندس جلسي ۾ اهي عورتون شريڪ هيون جن جي هٿن ۾ انهن جي خاندان جي گم ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن جون تصويرون هيون جنهن تي جاويد اقبال چيو ته آئون منظور پشتين سان رابطو ڪندس کانئس گم ٿيل ماڻهن جي فهرست وٺي معاملي کي ڏسندس.