فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
ڪنهن کي وڻي يا نه، ٽيم جي سليڪشن متوازن ٿي آهي: مڪي آرٿر

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته ڪنهن کي وڻي يا نه، ٽيم جي سليڪشن متوازن ٿي آهي، سفارشي ڪلچر جا دروازا بند ڪري هڪ متوازن ٽيم جي چونڊ ڪئي وئي آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ باصلاحيت رانديگر شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي انگلش ڪنڊيشنز ۾ بهتر نموني پرفارم ڪري سگهن ٿا، ان ڪري ڪنهن به تنقيد ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي، هن چيو ته سرفراز احمد ڪپتان جي حيثيت سان ٽيم سليڪشن مان مطمئن آهي، جيڪي رانديگر سليڪشن کان رهجي ويا، اهي ايندڙ وقت جو انتظار ڪن، ڪارڪردگي ۽ فٽنس ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جا مک شرط آهن، هر ڪنهن کي موقعو نٿو ملي سگهي.