فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
ش ليگ جو سربراهه شهباز شريف جج مٿان حملو ڪرائي نواز شريف کي بند گهٽي ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو: نثار کهڙو

 لاڙڪاڻو( رپورٽ: منير سومرو) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ خوراڪ کاتي جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ش ليگ جي سربراهه شهباز شريف جو دماغ خراب ٿي پيو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي ڪيس ۾ جيڪو جج مانيٽر ڪري رهيو آهي ان مٿان حملو ڪرائي نواز شريف کي ٻئي ڪنهن بند گهٽي ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو جيڪڏهن ان حملو نه ڪرايو ته ش ليگ جو سربراهه جيڪو پنجاب جو وڏو وزير به آهي ته ان کي محفوظ به نه ڪري سگهيو؟ ڇا ججن جي گهرن ٻاهران پوليس گارڊ نه هوندا آهن؟ انهن جي موجودگي ۾ جج جي گهر تي حملو ته پوءِ ان کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ جي ضرورت ناهي ان لاءِ ذميواري ش ليگ جي سربراهه شهباز شريف مٿان آهي. لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار احمد کهڙو وڌيڪ چيو ته نواز شريف کي عدالت تاحيات نااهل قرار ڏنو هاڻ ان جو ڀاءُ ان کي عمر قيد جي به سزا ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته چوڌري نثار جو اڄ به اِهو بيان آهي ته هن ان نه اڳ درخواست ڏني ۽ نه هاڻ ڪو ارادو آهي، هو نواز ليگ سان ائين چئي رهيو آهي ۽ ش ليگ جي سربراهه شهباز شريف سان ڳالهائي رهيو آهي شهباز شريف جي الڳ پارٽي ٿي وئي آهي ته ٿي سگهي ٿو چوڌري نثار شهباز شريف ڏانهن هليو وڃي. هن چيو ته 5 سالن ۾ ڪرپشن جو بادشاهه نواز شريف ثابت ٿيو آهي ٻيو ڪو نه، پيپلز پارٽي جي وزيراعظم کي ڪرپشن نه پر توهين عدالت جي ڪيس ۾ هٽايو ويو. هن چيو ته وزيراعظم وٽ ريڊ پاسپورٽ هوندو آهي جنهن کي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه پوندي ان پاسپورٽ هوندي به نواز شريف اقامو ڇو ورتو. نثار احمد کهڙي چيو ته شهباز شريف اهو ٻڌائي ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو ڪنهن چيو هو؟ ڪالاباغ ڊيم ٺاهيندڙ شريف برادران اڄ مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري تي طنز ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مشرف ۽ نواز شريف ٻنهي جي سوچ هڪ ئي آهي، مشرف 10 سال ضايع ڪيا ۽ ڀاشا ڊيم نه ٺاهيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان پهرين اپريل کان نوڪرين ۽ ترقياتي ڪمن تي پابندي وارو فيصلو ڪارو قانون آهي، اليڪشن شيڊيول کان بعد ترقياتي ڪمبن تي پابندي لڳڻ گهرجي ۽ آفيسرن جي بدلين توڙي مقررين تي به اليڪشن شيڊيول جي اعلان کان بعد پابندي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر وٽ پولنگ ايجنٽن جي لاءِ دروازا بند ۽ ٻئي ڪنهن لاءِ دروازا کليل هوندا آهن، اسان چاهيون ٿا ته پولنگ ايجنٽن کي تحفظ ملي ۽ چونڊ نتيجا ان ئي وقت ويب سائيٽ تي اچڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ ۾ نوا صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه سازش جو هصو آهي، پاڪستان ۾ 22 صوبا ٺاهڻ وارو مطالبو سازشي منصوبي جو حصو آهي جيڪو ماضي ۾ به هلندو پيو اچي، هڪ پنجاب ٽن صوبن تي ڳورو آهي، پڇ تي لت پيو تڏهن شهباز شريف نون صوبن بابت ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ 4 صوبا واضع آهن نوان صوبا ٺاهڻ آسان ناهي ان لاءِ آئيني طريقه ڪار واضع آهي، پنجاب ۾ ان جي قوت کي گهٽ ڪرڻ ۽ صوبن جي برابري جي ڳالهه ٿي رهي آهي تڏهن نون صوبن جي ڳالهه ڪري ري ايڪشن ڏيکاريو پيو وڃي. هن چيو ته سياسي اتحاد ۽ پارٽيون ٺاهڻ آئيني حق آهي اسان ان جي خلاف ناهيون جيڪڏهن ڪير ٺاهي ٿو ته ڀلي ٺاهي ان سان پيپلز پارٽي تي ڪو فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته گورنر بابت اسيمبلي ۾ بحث ڪري نه ٿو سگهجي، وڏي وزير کي يونيورسٽين جو چانسلر مقرر ڪرڻ ان لاءِ ڪيو ته جيئن کيس ذميواري سان اسيمبلي جي سامهون پڇا ڪئي وڃي جڏهن ته يونيورسٽين کي حڪومت فنڊ ڏئي ٿو ته پوءِ يونيورسٽين جي وائس چانسلرن کان هو ڇو پڇا ڪري نه ٿو سگهي، يونيورسٽين جا اختيار جيڪي گورنر وٽ هئا هاڻ وڏي وزير کي ڏنا ويا آهن. هن چيو ته واٽر ڪميشن سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي ٺهيو پر ڪميشن جي سوچ سطحي آهي، سنڌ جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ۾ کارو پاڻي آهي، ٻين صوبن ۾ سي پيج جو پاڻي سنڌ ۾ اچي سنڌ جي پاڻي کي کارو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته دنگڙا ۽ کپرو سميت 106 ڳوٺن کي مٺو پاڻي فراهم ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ کان اِهو سوال آهي ته واٽر ڪميشن جو اهو ئي ڪم آهي ته نالين جو معائنو ڪري يا سنڌ کي تحفظ فراهم ڪري. هن چيو ته انڊسٽريل ويسٽ واٽر جو گهوٽڪي کان سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو ان کي روڪڻ لاءِ واٽر ڪميشن ان معاملي کي ڇو نه کنيو؟ سنڌ جي 24 لک ايڪڙ ايراضي پاڻي نه هجڻ تي سمندر جي ور چڙهي وئي آهي. نثار احمد کهڙو چيو ته واٽر ڪميشن ارسا سان اهو معاملو ڇو نه پئي کڻي ان تي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي سنڌ کي پنهنجي حقي جو پاڻي نه ڏنو پيو وڃي، ننڍن معاملن تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو ويندو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي گهٽتائي تي واٽر ڪميشن ارسا جو ڇو نوٽيس نه ٿي وٺي؟ واٽر ڪميشن واٽر سپلاءِ اسڪيمن تي ڌيان ڏئي هيڏانهن هوڏانهن جي ماڻهن کي تنگ نه ڪري، واٽر ڪميشن جو دائرو واضع آهي هو ان تي ڪم ڪري. هن چيو ته سنڌ ۾ 55 لک ٽن ڪڻڪ جي پيداوار آهي، سنڌ حڪومت 100 ارب روپيه قرض وٺي صرف 14 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهي ٿي باقي 40 لک ٽن گندم مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿيندي.