فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
موت قبول آهي پر پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شامل نه ٿيندس: فاروق ستار

ڪراچي (بيورورپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان پي آءِ بي گروپ جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته مرڻ قبول آهي پر پي ايس پي ۾ شامل نه ٿيندس، گهُٽجي گهُٽجي مرڻ نٿا چاهيون. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته وفاداريون تبديل ڪرائڻ وارو عمل تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، سياست جي نالي تي راند ڇو پئي کيڏي وڃي؟، اسان جي ميمبرن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه جو چوڻ هو ته سمورا راز چيف جسٽس سامهون بيان ڪرڻ چاهيان  ٿو ۽ چيف جسٽس به زميني حقيقتن کي ڏسي، جڏهن ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه سان به ملڻ ويندس. هن چيو ته اسان جي حياتين جي ضمانت ڏني وڃي، ڪنهن به اداري جي ساک متاثر ڪرڻ نٿو چاهيان، ڪجهه عنصر اسان جي اسيمبلي ميمبرن جي وفاداري تبديل ڪرائڻ چاهين پيا. هن چيو ته ڪراچي ۾ شفاف چونڊن جون دعوائون غلط آهن، ايم ڪيو ايم کي اليڪشن عمل کان ٻاهر رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.