فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
ماروي ميمڻ جي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پارٽي قيادت تي تنقيد

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ماروي ميمڻ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پارٽي قيادت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪو مرضي خلاف آواز اٿاريندو آهي ته کيس پاسي تي ڪيو ويندو آهي، راءِ جي مخالفت ڪندڙ کي باغي چيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيو. سندس چوڻ هو اسان اميد ٿا ڪيون ته اسان جون پارٽيون جمهوريت پسند هجن، بدقسمتي سان هن پارٽي ۾ رڳو جي حضوري هلي رهي آهي، جيڪي جي حضوري کانسواءِ ڪم ڪري رهيا هئا، انهن کي پاسي تي ڪيو ويو. ماروي ميمڻ چيو ته جن جي ڪري ڌرڻا ٿيا، اهي هاڻ به ڪامياب آهن، ڏکئي وقت ۾ پارٽي کي انهن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي توهان کي ڪڙو سچ ٻڌائين، هڪ ڪامياب پارٽي ڪنهن جي ڪري ڏکيائين ۾ ڦاٿي، ڇو ته هو هن وقت انڌا ڌند مائنس جي ڊيبيٽ ۾ ڦاٿل آهن.