فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
وزيراعليٰ پنجاب کان استعيفيٰ جو مطالبو، سسلين مافيا جا هٿڪنڊا قبول ناهن: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اعليٰ عدليا تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ سسلين مافيا جا هٿڪنڊا ناقابل قبول آهن، لاهور ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته اسان عدليا ۽ قانون جي حڪمراني سان گڏ آهيون. ٻئي پاسي تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اعليٰ عدليا جي جج جي گهر تي فائرنگ رٿابندي تحت ڪئي وئي. هن الزام هڻندي چيو ته سعد رفيق جا لوڪل گينگ سان ويجها لاڳاپا رهيا آهن، سعد رفيق ۽ راڻا ثناءُ الله اهڙي قسم جي وارداتن جو تجربو ۽ مهارت رکن ٿا. سندس چوڻ هو تحريڪ انصاف مطالبو ڪري ٿي ته فوري طور گڏيل جاچ ذريعي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پنجاب جو وڏو وزير استعيفيٰ ڏئي.