فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
ڪوئيٽا ۾هٿياربندن جي فائرنگ، مسيحي برادري جا 2 ڄڻا قتل، 5 زخمي، وارثن جو احتجاج

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي علائقي عيسيٰ نگري ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا، فائرنگ جو نشانو بڻجندڙن جو تعلق ڪرسچن ڪميونٽي سان آهي .پوليس موجب عيسيٰ نگري جي علائقي ۾ اڻڄاتل ماڻهن گهٽي ۾ بيٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ سبب 7 ڄڻا زخمي ٿيا، واقعي کانپوءِ زخمين کي فوري طور تي بي ايم سي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سيميول ۽ اظهر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته باقي 5 ڄڻا علاج هيٺ آهن. واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۽ زخمي ٿيندڙن جو تعلق مسيحي برادري سان آهي، وارثن واقعي کانپوءِ اسپتال انتظاميا جي مبينا غفلت تي لاشن کي اسپتال سامهون رکي احتجاج ڪيو.