فوج ۽ چيف جسٽس پاڪستان ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ****سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي چئن يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز معطل****جج پريس ڪانفرنس ۽ تقريرن ذريعي پنهنجون ڳالهيون ڪندا ته ٻين کي تنقيد جو موقعو ملندو: بلاول ڀٽو****نواز شريف ۽ سراج الحق جي ٻولي هڪ جهڙي لڳي رهي آهي: فواد چوڌري
پاناما ڪيس جي نگران جج جسٽس اعجازالحسن جي گھر تي 2 ڀيرا فائرنگ، آءِ جي پنجاب طلب

لاهور (م ڊ) پاناما ڪيس جي نگران جج جسٽس اعجازالحسن جي گھر تي 2 ڀيرا فائرنگ، آءِ جي پنجاب کي طلب. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب جسٽس اعجا ز الحسن جي گھر تي فائرنگ جا 2 واقعا پيش آيا، فائرنگ جو پهريون واقعو هڪ رات اڳ 10 لڳي 45 منٽن تي ۽ ٻيو ڪالهه صبح 9 لڳي 45 منٽن تي پيش آيو، واقعي بعد اطلاع ملندي ئي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار جسٽس اعجاز الا حسن جي گهر پهچي ويو ۽ آءِ جي پنجاب کي طلب ڪري ورتو. جڏهن ته پوليس علائقي جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتا، واقعي جي ڄاڻ ملڻ تي رينجرس، اسپيشل برانچ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. رهائشگاهه جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي، فرانزڪ ٽيمن به جسٽس اعجاز الحسن جي گھر جو ٻه ڀيرا دورو ڪري شاهديون گڏ ڪيون. جڏهن ته واقعي جو سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي به جائزو ورتو پيو وڃي. پوليس موجب هڪ گولي جسٽس اعجال الحسن جي گھر جي مين دروازي ۽ هڪ رڌڻي ۾ لڳي، پوليس عملدارن موجب گھر جي گيراج مان نائن ايم ايم پستول جي گولي جو خول مليو آهي، جنهن کي جاچ لاءِ فرانزڪ ليب موڪليو ويو آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.  شروعاتي رپورٽ موجب واقعي واري هنڌان ملندڙ خول جي گولين مان هڪ گولي دروازي ۽ هڪ رڌڻي جي دري کي لڳي. نجي ٽي وي مطابق سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي لاهور واري گهر تي رات ۽ صبح سوير اڻڄاتل هٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ثاقب نثار اهڙي اطلاع تي جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر پهتو ۽ کانئس تفصيل ورتا. سپريم ڪورٽ جي پڌرائي مطابق واقعي بابت چيف جسٽس آءِ جي پنجاب کي طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس ثاقب نثار معاملي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جي ترجمان موجب پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو پرسنل اسٽاف آفيسر جسٽس اعجاز الحسن جي گھر آيو، پر سپريم ڪورٽ انتظاميا ان جي معزز جج سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ٿاڻي ماڊل ٽائون پوليس جسٽس اعجاز الاحسن جي گهر تي فائرنگ جو ڪيس ڪانسٽيبل آصف جي فرياد تي داخل ڪيو آهي، ان ڏس ۾ جاچ لاءِ انويسٽيگيشن ٽيم به جوڙي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس اڻڄاتلن خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ۽ قتل واري قدم جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.