لاهور(ڪلچرل نيوز) ناليواري اداڪارا مديحا شاهه چيو آهي ته شوبز منهنجي سڃاڻپ آهي ۽ پاڻ کي ان شعبي کان الڳ نه ٿي ڪري سگهان، ڪاروباري مصروفيتن سبب شوبز کي وقت نه پئي ڏئي سگهان. ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا چيو ته هن وقت به مون وٽ فلمن ۽ ڊرامن جي پراجيڪٽن جي آڇ موجود آهي، پر ڪاروباري مصروفيت سبب ڪنهن پراجيڪٽ لاءِ حامي ناهي ڀري. هن چيو ته شوبز مان مونکي عزت ملي ۽ اها منهنجي سڃاڻپ آهي. وقت ميسر ايندي ئي ٻيهر شوبز سرگرمين جي شروعات ڪنديس.