عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
سلمان مجاهد تي عورت پاران زيادتي ۽ بليڪ ميلنگ ڪرڻ جو الزام

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي سلمان مجاهد بلوچ تي عورت سان ذيادتي جو الزام لڳايو ويو آهي. خانگي ٽي وي موجب علينا خان نالي عورت گلشن اقبال ٿاڻي ۾ سلمان مجاهد بلوچ جي خلاف ذيادتي ۽ بليڪ ميلنگ جي درخواست داخل ڪرائي آهي.  عورت الزام لڳائيندي چيو آهي ته سلمان مجاهد بلوچ هن پهريون ڀيرو 12 آگسٽ 2014 تي پارليامينٽ لاجز اسلام آباد ۾ ذيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ڳجهي ڪيمرا سان ان جي ويڊيو به ٺاهي عورت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سلمان مجاهد بلوچ شادي جو واعدو ڪري مونکي خاموش رهڻ جو چيو پر جڏهن مون ان تي زور ڏنو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي منهنجي ڀاءُ کي اغوا ڪيو ۽ ڀاءُ جي اوندهو ٽنگي تشدد جو نشانو بڻايو. علينا اهو به الزام لڳايو آهي ته سلمان مجاهد بلوچ ويڊيوز جي عوض 40 لک رپيا گهري رهيو هو. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مونکي ڪنهن قسم جي جاني يا مالي نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار سلمان مجاهد بلوچ هوندو. ٻئي پاسي سلماج مجاهد بلوچ به هڪ مهينو اڳ ان عورت جي خلاف 40 لک رپين جي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪرايو هو. سلمان مجاهد بلوچ علينا نالي عورت جي خلاف داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عورت لاهور جي شوڪت خانم ۾ پنهنجي ماءُ جي علاج جي غرض سان مونکان 40 لک رپيا ورتا هئا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وڌيڪ چيو ته عورت مونکان وڌيڪ رقم جو مطالبو ڪيو ته مون شڪ جي بنياد تي وڌيڪ رقم ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن کان پوءِ مونکي معلوم ٿيو ته عورت فراڊي آهي.