عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
پاڻي ڪميشن سربراهه جا بدين، ٽنڊو محمد خان، واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو جائزو عملي کي ڇنڊ

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) پاڻي ڪميشن سربراهه امير هاني مسلم  بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي مختلف شهرن جا دورا ڪري پاڻي اسڪيمن جو جائزو ورتو، ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيلن موجب پاڻي ڪميشن جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ٽنڊو محمد خان پهچي مختلف واٽر سپلاءِ اسڪيمن جو جائزو ورتو ، جتي ڦليلي واھ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم تي پمپنگ موٽرون نه هئڻ جي پڇا ڳاڇا ڪئي ، جنهن تي اتي موجود واٽر سپلاءِ اسڪيم جي انچارج فهيم جمالي چيئرمين پاڻي ڪميشن کي ٻڌايو ته 2 موٽرون جيڪي اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر 2 سال اڳ حيدرآباد مرمت لاءِ کڻائي ويو هو جيڪي اڄ تائين واپس ناهن ٿيون ، جنهن تي پاڻي ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنر هادي بخش زرداري ۽ سي ايم او آغا عمران دراني کي مذڪوره پاڻي جون موٽرون فوري طور تي واپس ڪرائي لڳائڻ جون هدايتون ڏنيون ، ٻي پاسي پاڻي ڪميشن جي چيئرمين ٽنڊو محمد خان شهر جي مک واٽر سپلاءِ اسڪيم برهان شاھ جو تفصيلي دورو ڪيو جتي پاڻي جا تلاءُ ۽ پمپنگ اسٽيشن جو تفصيلي جائزو ورتو ، ان موقعي تي پاڻي ڪميشن جي چيئرمين امير هاني مسلم پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ ڊپارٽمينٽ سنڌ جي چيف انجنيئر نفيس احمد شيخ کي حڪم جاري ڪيو ته ڊسمبر 2018 تائين سنڌ جون سموريون واٽر سپلاءِ اسڪيمون مڪمل طور فنڪشنل ٿيڻ گهرجن ، هن اهو به چيو ته اهڙيون سموريون اسڪيمون سرڪار پاران مليل 9سو ملين روپين ۾ ئي مڪمل ڪيون وڃن ، ڪو به اضافي پئسو انهن اسڪيمن تي جاري نه ڪيو ويندو ، پاڻي ڪميشن جو سربراھ رٽائر جسٽس اامير ھاني مسلم ڪالھ بدين پھچي پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيمن ء قاضيا واھ جو دورو ڪيو سيشن جج بدين جاويد احمد بلوچ ڊي سي شھزاد طاھر ٿھيم سول جج جمال الدين سيال ء ٻيا عملدار ھن سان گڏ ھئا ھن موقعي تي بدين جا چونڊيل ڪائونسلر محمد ملا ح طارق عزيز ميمڻ حنيف سھڙاٽ غلام حسين سومرو سميت سوين شھري پھچي وياء شڪايتن جا ڍير لڳائيندي چيو تہ شھرين کي زھريلو پاڻي پياريو پيو وڃي واھ م سرعام گندي پاڻي جي نيڪال جون ناليون ڇوڙ ڪيون وڃن ٿيون واٽر سپلاء جي مين والن جي ٺھيل ٽانڪين م گند پيل آھي پر انھن جي صفائي نٿي ٿئي ميونسپل انتظاميا ڪرپشن ء نااھلي جا سمورا ليڪا لتاڙي ماڻھن کي زھر پياري رھي آھي جنھن ڪري شھر جي ھر گھٽي م ڪينسر ء ھيپاٽائیٽس جا مريض موجود آھن وزٽ ڪرڻ بعد جسٽس امير ھاني مسلم سي ايم او کي ڇنڍ پٽيندي چيو جيڪو پاڻي توھان نٿا پي سگھو اھو ماڻھن کي ٿا پياريو وام م گندي پاڻي جو ڇوڙ بہ بند نہ ٿيو آھي ھن چيو تہ فنڊن جو حساب ڏيو تہ اھي ڪٿي خرچ ڪريو ٿا واٽر ڪميشن جو چئرمين امير حاني مسلم ميرپور بٺورو پھچي واٽر سپلا۽ جي تلائن ۽ ناڪاره پيل فلٽر پلانٽ اسڪيمن جو دورو ڪيو ۽ تفصيل ورتا اطلاع ملڻ تي ڪيترائي شھري گڏ ٿي ويا ۽ ڪميشن جي چئرمين اڳيان شڪايتن جا انڀار لڳائي ڇڏيا واٽر سپلا۽ تلاء جون ديوارون ٽٽل ھئڻ ۽ ان جي ڀرسان گھٽرن جون ناليون وھڻ بابت شڪايتون ڪيون واٽر ڪميشن جي سربراھ گندگي جي صورتحال ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو جڏھن ت ان موقعي تي ٽائون چئرمين موجود ن ھو ڪميشن سربراھ ٽائون آفيسر باقر بروھي کان پڇو ت ٽائون ۾ صفائي جا ملازم گھڻا آھن ان تي ھن ٻڌايو ت 104 ملازم آھن ھن تي جسٽس امير مسلم حاني سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ت ايترا ملازم ھوندي صفائي جي ايڏي خراب صورتحال ڇو آھي جڏھن ت واٽر ڪميشن جي سربراھ ساڻس گڏ آيل آبپاشي جي چيف انجينئر عبدالقادر پليجو پبلڪ ھيلٿ نفيس احمد شيخ تي پڻ سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ کيس تنبيه ڪئي ت ھڪ ھفتي اندر تلائن جي صفائي ڪرائي شھرين کي صاف پاڻي فراھم ڪيو وڃي ھن ٽائون آفيسر باقر بروھي کي چيو ت 24 ڪلاڪن اندر واٽر سپلاء تلاء جي صفائي ڪرائي ۽ گھٽر نالن کي بند ڪرائي اھڙي رپورٽ سول جج بٺورو ۽ ڊي سي سجاول کي ڏيندا. ماتلي ۾ واٽر ڪميشن جي چيئرمين جسٽس امير مسلم هاني ماتلي پهچي ڦليلي ڪئنال اڪرم واهه جي ڪنارن ۽ ماتلي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي تلائن جود ورو ڪيو.