عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
نقيب الله قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جو رائو انوار کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار نقيب الله قتل ڪيس ۾ ملوث اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جي هڪ خط تي حفاظتي  ضمانت منظور ڪندي جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي ٺاهڻ ۽ رائو انوار کي جمعي ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ ۽ اسلام آباد پوليس کي رائو انوار کي پيشي جي موقعي تي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، مقتول نقيب الله جي والد پاران عدالت ۾ خط پيش ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته اسان جا سيڪيورٽي ادارا سڀ ڄاڻين ٿا ته رائو انوار ڪٿي آهي پر آءِ جي سنڌ اڃا تائين ان کي گرفتار ناهي ڪيو، رائو انوار جي عدم گرفتاري جو جواب گهرجي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ عوام کان مدد ورتي وڃي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سنڌ جو آءِ جي اڳوڻي ايس ايس پي کي گرفتار ناهي ڪري سگهيو ۽ هن عدالت کان وڌيڪ وقت گهريو آهي ۽ ٻئي طرف عدالت جي انساني حقن واري سيل کي رائو انوار جو خط مليو آهي جيڪڏهن اهو خط واقعي رائو انوار جو آهي ته عدالت کيس موقعو ڏي ٿي ته هو پاڻ ايندڙ جمعي تي عدالت ۾ پيش ٿي پنهنجو موقف پيش ڪري ۽ ان وقت تائين سنڌ ۽ اسلام آباد پوليس سندس حفاظت ڪري ۽ کيس گرفتار نه ڪيو وڃي پر اهي سڀئي قدم رائو انوار جي عدالت ۾ اچڻ سان لاڳاپيل هوندا. چيف جسٽس چيو ته نقيب الله اسان جو به ٻچو هو پر شهادت کانسواءِ ڪنهن کي به جوابدار نه ٿو ڏئي سگهجي، رائو انوار کي به انصاف ملڻ گهرجي، خط جي تصديق رائو انوار ئي ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪير به رائو انوار کي نقصان نه پهچائي ڇو ته ان سان ثبوت ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، عدالت رائو انوار کي 16 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو جڏهن ته چيف جسٽس رائو انوار جو خط پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن چيف جسٽس ان واقعي بابت گڏيل جاچ ٽيم ٺاهي ته هو ان جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي پر سنڌ حڪومت پاران ٺاهيل جاچ ٽيم تي کيس اعتبار نه آهي. جڏهن ته عدالت ۾ موجود آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه رائو انوار جي صحيح جي تصديق ڪندي چيو ته اها صحيح رائو انوار جي ئي آهي. چيف جسٽس چيو ته جيئن مظلوم کي حق آهي ته هو انصاف حاصل ڪري ته ائين ظالم کي به حق آهي ته هو انصاف جي گهر ڪري. جڏهن ته عدالت هيستائين جوابدار جي گرفتاري نه ٿيڻ تي اي ڊي خواجه تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جنهن تي اي ڊي خواجه چيو ته رائو انوار واٽس ايپ استعمال ڪري ٿو ان لاءِ لوڪيشن جو پتو نه ٿو پوي. هن چيو ته آءِ بي وٽ به واٽس ايپ ڪال ٽريس ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي جنهن کانپوءِ عدالت سنڌ ۽ اسلام آباد پوليس کي رائو انوار کي پيشي جي موقعي تي گرفتار نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي رائو انوار کي جمعي تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ چيو ته جيستائين جي آءِ ٽي جي رپورٽ پيش نه ٿي ٿئي تيستائين کيس گرفتار نه ڪيو ويندو.