عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. ناليواري قانوندان ۽ سماجي ڪارڪن عاصمه جهانگير جو مڙهه قافلي جي صورت ۾ سندس رهائشگاهه کان قذافي اسٽيڊيم لاهور آندو ويو. عاصمه جهانگير جي جنازي نماز مولانا مودودي جي پٽ فاروق حيدر مودودي پڙهائي جڏهن ته جنازي نماز دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪري وڏي انگ ۾ سڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. عاصمه جهانگير جي جنازي نماز ۾ مشهور سياسي، سماجي اڳواڻن سميت وڪيل برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. عاصمه جهانگير کي بيديان روڊ تي سندس فارم هائوس تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هائوس ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحومه جي جنازي نماز ۾ سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ، بيرسٽر اعتزاز احسن ۽ ٻين وڪيل برادري سميت سياسي، سماجي ۽ مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي.