عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
الزامن سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، ڀارت جي هر مهم جو منهن ٽوڙ ۽ سندس ئي زبان ۾ جواب ڏنو ويندو: پاڪستان

نئين دهلي/اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت جي بچا واري وزير نرملا سيٿارامان والاريل ڪشمير ۾ فوجي ڪئمپ تي حملي جو الزام پاڪستان تي مڙهيندي چيو آهي ته پاڪستان کي انهن حملن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. رپورٽ مطابق ڀارتي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج تي حملن ۾ ڪالعدم جيش محمد شامل آهي ۽ حملو ڪندڙن کي مقامي طور تي به مدد فراهم ڪئي وئي. ڀارتي وزير دفاع جو وڌيڪ چوڻ هو ته ان ڳالهه جا سمورا ثبوت فراهم ڪنداسين ته حملو ڪندڙن کي پاڪستان مان مدد فراهم ڪئي وئي، سموريون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ هميشه وانگر حملن جو ثبوت پاڪستان کي فراهم ڪنداسين. هن الزام مڙهيو ته ممبئي حملن جا ذميوار اڄ به پاڪستان ۾ آزاد گهمي رهيا آهن پر پاڪستان کي والاريل ڪشمير ۾ فوجي ڇانوڻي تي حملن جي قيمت چڪائڻي پوندي. ڀارت جي اهڙن الزامن جي ردعمل ۾ پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڪئمپ تي حملي بابت ڀارتي وزير دفاع جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڪئمپ تي حملي بابت ڀارتي وزير دفاع جا سمورا الزام رد ڪري ٿو، ڀارتي الزام بي بنياد آهن، جڏهن ته ڀارت جو اهو رجحان بڻجي ويو آهي ته هو بنا ثبوتن جي فوري طور پاڪستان تي الزام مڙهيندو آهي، ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت کي اهڙن الزامن ۽ ڌمڪين سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، پاڪستان ڪنهن به جارحاڻي ڪارروائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٻئي طرف بچاءُ واري وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت جي مهم جو منهن ٽوڙ ۽ ان ئي زبان ۾ جواب ڏيندو. ڀارتي ڀچاءُ واري وزير نرملا سيٿارامان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خرم دستگير جو چوڻ هو ته ڀارت کي ڪنهن به ٺوس ثبوت بنا الزام لڳائن جي ڪڌي عمل بدران پاڪستان خلاف رياستي سطح تي ڪيل سازشن جو جواب ڏيڻ گهرجي، جنهن جو ثبوت ڪلڀوشن جي شڪل ۾ پوري دنيا جي سامهون آهي. بچاءُ واري وزير چيو ته حقيقت ۾ ڀارت لائن آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي 2017ع کان 5 ڀيرا وڌيڪ فوجي حملن ۽ ايٽمي ڊيٽرنيٽ باري ۾ غير ذميواراڻا بيان ڏئي خطي ۾ استحڪام جي کوٽ پيدا ڪري رهيو آهي. پاڪستان خلاف ڀارتي حڪومت جي امڪاني تزويراتي غلطي فهمي تي ٻڌل ڪارروائي سان ڏکڻ ايشيا جو اسٽريٽجڪ استحڪام متاثر ٿيندو پر ڪنهن به جارحيت، غلط فهمي يا مهم جي شدت، طريقي يا محل وقوع سان ڀرپور جوابي ڪارروائي ٿيندي ۽ ڀارت کي ان جي زبان ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.