عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
پاڪستان پنهنجي ڌرتي ڪنهن جي به خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو، ٻين ملڪن کان به اها ئي اميد رکون ٿا: آرمي چيف

ڪابل (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته علائقائي امن ۽ استحڪام جو رستو افغانستان مان ٿي گذرندو آهي، پاڪستان ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان پنهنجي سرزمين تان دهشتگردن جا سڀ ٺڪاڻا ختم ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن به ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو ۽ اسان ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکون ٿا ته ڪو ٻيو لڪ به دهشتگردن کي پاڪستان خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ نه ڏي . افغانستان ۾ ڊفينس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته خطا اڪيلي طور نه پر گڏجي ترقي ڪندا آهن، گڏيل حڪمت عملي سان سمورن چئلينجن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو. پاڪستان ۾ بچي ويل دهشتگرد 27 لک افغان پناهگيرن جي موجودگي جو فائدو کڻندا آهن، اهي پاڪ افغان سرحد تي اثرائتي سيڪيورٽي جي عدم موجودگي جو به فائدو کڻن ٿا، آپريشن ردالفساد تحت انهن دهشتگردن جو صفايو ڪيو پيو وڃي. دهشتگرد موثر بارڊر سيڪيورٽي سسٽم نه هجڻ جو به فائدو کڻندا رهيا آهن، ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي جي نظام کي موثر بڻايو وڃي. سندس چوڻ هو ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ دهشتگردي ڪندڙن جي به نشاندهي ڪئي پئي وڃي. ان کان اڳ آءِ ايس پي آر ڊفينس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آرمي چيف جي افغانستان پهچڻ جو اطلاع ڏيندي ٻڌايو هو ته ڪانفرنس ۾ ڪمانڊر سينٽ ڪام، ڪمانڊر ريزولوٽ سپورٽ مشن ۽ افغان آرمي چيف به شريڪ ٿيندا.