عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
ڏکڻ آفريڪا جي اسپنر عمران طاهر تي تماشائي طرفان گٿا لفظ چوڻ جي جاچ شروع

پورٽ ايلزبٿ(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي اسپنر عمران طاهر تي تماشائي طرفان گٿا لفظ چوڻ جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته عمران طاهر کي چوٿين ون ڊي دوران هڪ تماشائي طرفان عمران طاهر کي گٿا لفظ ڳالهايا ۽ گاريون پڻ ڏنيون، جنهن بابت عمران طاهر بورڊ کي شڪايت ڪئي، ڏکڻ آفريڪا ڪرڪيٽ بورڊ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ بورڊ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي آيل وڊيو مان ڪافي ڳالهيون واضع ٿيون آهن، وڊيو ۾ عمران طاهر ۽ تماشائي ۾ جملي بازي نظر آئي پر عمران طرفان ان کي ڌڪ ناهي هنيو ويو، جنهن ڪري جاچ بعد ئي حقيقت سامهون آڻينداسين.