عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
ٺگس آف هندستان جي ڪهاڻي جاندار آهي، مداحن کي پسند ايندي: ڪترينا ڪيف

ممبئي(ڪلچرل نيوز) بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف چيو آهي ته ٺگس آف هندستان جي ڪهاڻي جاندار آهي، منهنجي خيال ۾ بالي ووڊ ۾ اهڙي فلم ڪڏهن به ناهي آئي، اميتاڀ بچن ۽ عامر خان جا ڪردار فلم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا، فلم جي ڪهاڻي بابت گهڻو ڪجهه نٿي ٻڌائي سگهان پر ايترو ضرور چونديس ته فلم باڪس آفيس تي نوان رڪارڊ ٺاهيندي، هن چيو ته عامر خان سان اڳ به ڪم  ڪيو آهي ۽ اميتاڀ سان به ڪم ڪيو آهي، ٻنهي ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي کي ڪردار کي بهترين نموني ڪرڻ جو جنون هوندو آهي، هڪ هڪ سين کي ٻئي ڄڻا سوچي سمجهي پوءِ شوٽ ڪرائيندا آهن، پريشاني به ٿيندي آهي.