عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
هوسڙي لڳ ڊمپر سوزوڪي مٿان چڙهي ويو، 10 پورهيت عورتن سميت 11 ڄڻا فوت، لاش 4 ڪلاڪ ڦاٿل رهيا

 هوسڙي (رپورٽ: مختيار وڪو) هوسڙي ويجهو سوزڪي ۽ ڊمپر ۾ هانءُ ڏاريندڙ حادثو 10 عورتن سميت 11 ڄڻا فوت، 1 عورت زخمي. خبر موجب حيدرآباد کان ٽندو محمد خان ويندڙ مصالحي جي ڪمپني جي سيل ڪندڙ چيمبر سوزڪي ۽ ٽنڊو محمد خان وايا بدين روڊ تي بجري لاهيندڙ ڊي بلوچ ڪمپني جو تيز رفتار ايندڙ ڊمپر حيدرآباد کان ٽنڊو محمد خان مصالحي جي سيل لاءِ ويندڙ سوزڪي مٿان چڙهي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوزڪي ۾ سوار مصالحو سيل ڪندڙ عورتون ساجده، ثنا، فريده، ريحانه، صفيه، انيتا، ياسمين، شبانه، نسرين صدف ۽ ڊرائيور زبير موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. جڏهن ته 14 سالا سائره سخت زخمي ٿي پئي. حادثي کانپوءِ علائقي جي مقامي ماڻهن پهچي ڊمپر ۾ ڦاٿل عورتون جا لاش ٻاهر ڪڍرايا، جڏهن ته انتظاميه جي لاپرواهي ۽ واقعي واري هنڌ دير سان پهچڻ سبب ڪافي عورتون زخمي هوندي به تڙپي تڙپي فوت ٿي ويون. جنهن کانپوءِ مقامي ماڻهن ايڌي نمبرن تي ڪالون ڪري ايڌي ايمبولينسون کي گهرايو ويون، جن پهچي زخمي عورتن ۽ فوتي عورتن جا لاش حيدرآباد جي سول اسپتال پهچايا. جڏهن ته ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو هوسڙي تاڻي تي اڃان تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.