عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
سينيٽ چونڊن لاءِ پ پ جي سمورن اميدوارن جا فارم منظور، پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم جا 3 فارم رد

 ڪراچي (بيورو رپورٽ) صوبائي اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن جي لاءِ فارم جي ڇنڊ ڇاڻ  مڪمل ڪري ڇڏي آهي .پ پ ٽيڪنوڪريٽ سيٽن جي لاءِ 5 اڳوائڻ سڪندر منيڌرو ،تاج حيدر ،ڊاڪٽر يونس حيدر سومري،انٿوني نويد،انورلال دين جا فارم منظور ڪيا ويا .ٽيڪنوڪريٽ سيٽن جي لاءِ ڊاڪٽر سڪندرمينڌري جو پهريون پرپورز غلام قادر چانڊيو۽ ٻيو جاويد ناگوري ،تاج حيدر جو پهريون پرپورز غزاله لغاري ۽ ٻيو شهلارضا، ڊاڪٽر يونس سومري جو پهريون پرپورز اويس شاه ۽ ٻيو شاهينه شيرعلي ،اقليتي سيٽ لاءِ انٿوني نويد جو پهريون پرپورز شهناز بيگم ۽ ٻيو ستار راجپر، جڏهن ته انورلال دين جو پهريون جام خان شورو ۽ ٻيو سڪندرشورو ڪيو . عورتن جي 5 سيٽن تي قرت العين مري، حميراعلواڻي ،ڪرشو ٻائي عرف ڪرشنالال، ندا کهڙو ۽ رخسانه زبيري جا فارم منظور ڪيا ويا .قرت العين مري جو پهريون پرپورز مڪيشن ڪمارچاوله ۽ ٻيو فياض پٽ،حميراعلواني جو پهريون پرپورز سائره شهلياڻي ۽ ٻيو خيرالنسامغل ،ڪرشوٻائي عرف ڪرشنا لال جو پهريون پرپورز سردار شاهه ۽ ٻيو گيا نچندا ايسراڻي ،نداکهڙي جو پهريون پرپورز مشتاق ڀٽي ۽ ٻيو خورشيد جوڻيجو ڪيو .جڏهن ته رخسانه زبيري جو پهريون پرپورز ڪلٽوم چانڊيو ۽ ٻيو سليم رضا ڪيو .جڏهن ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نجيب هارون جي ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي فارم منظور ڪيا ويا هن جو پهريون پرپورز سيماضيا۽ ٻيو خرم شيرزمان ڪيو .جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي سنجئه پيرواڻي جا فارم خالدمقبول جي صحيح سان  منظور ڪياويا، ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشز يوسف خٽڪ ۽ ايم ڪيو ايم جي عائشا خاتون ۾ ڳالهين جي ڏي وٺ ٿي .صوبائي اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اوهان جون صحيحون ميچ نه پيون ٿين.عائشا خاتون جواب ڏنو ته مان صحيح گهٽ ڪندي آهيان ان ڪري  اهڙي صورتحال ٿي ويندي آهي .جڏهن ته ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي اليڪشن ڪمشز ۽ سينيٽ جي چونڊن جو رٽيرنگ آفيسر چيو ته 161 فارم جاري ڪيا ويا .سنڌ جي 12 سيٽن جي لاءِ  47 فارم 44 اميدوارن جمع ڪرايا.5 فارم رد ڪيا ويا جنهن احمد چنائي جو ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي تعليمي قابليت مڪمل نه هجڻ جي ڪري .پي ايس پي جي حسان صابر جي جنرل سيٽ تي ، صوفيه سعيد جا عورت ۽ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي عامر چشتي جا بنيڪ جو لون واپس نه ڪرڻ تي فارم رد ڪيا ويا .هن چيو ته ڇنڊ ڇاڻ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي .12 سيٽن مان 7 جنرل ،2 ٽيڪنوڪريٽ،2 عورتن ۽ هڪ اقليتي سيٽ آهي .هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو جهيڙو هنن جو ذاتي آهي اسان جو ڪابه تعلق نه آهي .هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته خرم شير زمان جيڪا ڳالهه ڪري رهيو آهي ته هن کي سينيٽ چونڊن جي لاءِ رپين جي رشوت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا ثبوت ڏئي ته اسان ڪاروائي ڪنداسين پر ميڊيا تي ڳالهه قابل قبول نه آهي .يوسف خٽڪ چيو ته اڄ کان اليڪشن ڪميشن جي فارم رد ڪرڻ جي خلاف اپيل داخل ڪري سگهجي ٿي، هن جي آخري تاريخ 15 فبيروري هوندي ۽ فائنل لسٽ 19 فبيروري تي لڳائي ويندي ۽ چونڊون صوبائي اسمبيلي ۾ 3 مارچ تي ٿينديون .