عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
اسحاق ڊار خلاف ريفرنس ۾ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جو بيان قلمبند

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ نيب ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. واجد ضياءَ پاناما جي آءِ ٽي جي اصل رپورٽ جو واليم هڪ ۽ 9 عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت جي روبرو پنهنجو بيان قلمبند ڪرائيندي واجد ضياءَ ٻڌايو ته 20 اپريل 2017ع تي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن لاءِ ايف آءِ اي منهنجو نالو موڪليو. هن ٻڌايو ته 5 مئي تي سپريم ڪورٽ منهنجي سربراهيءَ ۾ جي آءِ ٽي قائم ڪئي جنهن ۾ اسٽيٽ بئنڪ مان عامر عزيز، آءِ ايس آءِ مان نعمان سعيد، ايم آءِ مان ڪامران خورشيد، ايس اي سي پي مان بلال رسول ۽ نيب مان عرفان منگي شامل ڪيا ويا.هن ٻڌايو ته جي آءِ ٽي 10 جولاءِ 2017ع تي آخري رپورٽ پيش ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسحاق ڊار سميت مختلف شخصيتن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. احتساب عدالت جي جج واجد ضياءَ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان کي پنهنجي ڪيس ۾ اسحاق ڊار ڪيس تائين محدود رهڻو آهي. واجد ضياءَ ٻڌايو ته جي آءِ ٽي ايس اي سي پي، بئنڪن، ايف بي آر ۽ اليڪشن ڪميشن کان رڪارڊ طلب ڪيو. هن ٻڌايو ته 1992ع جي ويلٿ اسٽيٽمينٽ موجب اسحاق ڊار جا اثاثا 9 ڏهائي هڪ ملين رپيه هئا جڏهن ته 09- 2008ع ۾ سندس اثاثن جي ماليت 831 ڏهائي 6 ملين رپين تائين پهچي ويا.