عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
عاصمه جهانگير جو لاڏاڻو ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف عاصمه جهانگير کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس لاڏاڻي کي ملڪ جي لاءِ هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته عاصمه جهانگير سدائين هر مرحلي تي آئين ۽ پارليامينٽ جو دفاع ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر چيو ته عاصمه جهانگير اهڙي شخصيت هئي جو سندس لاءِ تعزيتي قرارداد منظور ٿيڻ گهرجي جنهن تي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ سندس والد قومي اسيمبلي ميمبر هو، جنهن جمهوريت جي لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون. يعني سندس خاندان جي جدوجهد 60 سالن تي ٻڌل آهي. عاصمه جهانگير پڻ پنهنجي والد جي جدوجهد کي جاري رکيو. هن چيو ته جڏهن جنرل پرويز مشرف نومبر 1999ع ۾ اسان کي گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو ته سڀ کان اڳ آواز عاصمه جهانگير جي هئي. هن سدائين مظلوم طبقن جي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي آواز اٿاريو، هو هڪ عظيم عورت هئي. هن چيو ته نظرياتي اختلاف ضرور هوندا آهن جڏهن ته سندس جدوجهد تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ قرارداد اچڻ گهرجي ڇو ته هن زندگي جي هر مرحلي ۾ پارليامينٽ ۽ آئين جو سدائين دفاع ڪيو. پي ٽي آءِ جي ميمبر ڊاڪٽر عارف علوي، شيخ صلاح الدين ۽ ٻين ميمبرن پڻ عاصمه جهانگير، قاضي واجد ۽ ٻين مرحومن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.