عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
پارليامينٽ ۾ عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد منظور، وڇوڙو قومي الميو قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ناليواري قانوندان عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد منظور ڪندي چيو آهي ته هو هڪ دلير عورت هئي ۽ هن ٻين عورتن کي پنهنجي حقن جي لاءِ بيهڻ جو حوصلو ڏنو. سينيٽ جي اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر راجا ظفرالحق قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان ناليواري قانوندان ۽ انساني حقن جي علمبردار عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. هو 27 جنوري 1952ع تي لاهور ۾ پيدا ٿي ۽ هن سوئيٽزرلينڊ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. عاصمه جهانگير انساني حقن جي علمبردار هئي، هن انساني حقن، عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي حقن جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. 1987ع ۾ هن انساني حقن واري ڪميشن قائم ڪئي ۽ 1993ع تائين ان جي سيڪريٽري جنرل رهي جنهن کانپوءِ کيس ڪميشن جي چيئرپرسن بڻايو ويو. وڪيلن جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ هو سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي پهرين عورت صدر چونڊي وئي. هو انساني حقن لاءِ ڏکڻ ايشيا جي گڏيل چيئرپرسن ۽ انساني حقن جي لاءِ عالمي فيڊريشن جي نائب صدر پڻ رهي. هو 1994ع کان 1997ع تائين عورتن جي لاءِ ڪميشن آف انڪوائري جي ميمبر رهي ۽ 2004ع کان 2010ع تائين مذهبي آزادي جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏيندي رهي. ان کانسواءِ سريلنڪا ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي پينل ۽ اسرائيلي آبادين بابت حقيقتون ڄاڻڻ واري مشن جي پڻ ميمبر رهي. کيس هلال امتياز ۽ ستاره امتياز سميت مختلف قومي ۽ عالمي ايوارڊز ڏنا ويا. هن ٻه ڪتاب پڻ لکيا. عاصمه جهانگير هڪ دلير عورت هئي. هن ٻين عورتن کي پنهنجي حقن جي لاءِ بيهڻ جو حوصلو ڏنو. سندس خدمتون سدائين ياد رکيون وينديو. اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. بعد ۾ ايوان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته قائد ايوان راجا ظفرالحق ان سلسلي ۾ قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان اڳوڻي سينيٽر ۽ سنڌ جي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. مير هزار خان بجاراڻي مارچ 1985ع کان نومبر 1990ع تائين سينيٽ جو ميمبر رهيو. هو وڪالت جي پيشي سان واڳيل رهيو ۽ 1974ع ۾ 28 سالن جي عمر ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. ان کانپوءِ 1977ع ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبلي ميمبر بڻيو ۽ جمهوريت جي بحالي ۾ هن ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هو پهريون ڀيرو آزاد اميدوار طور 1990ع م قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ ان کانپوءِ 1997ع ۾ ٻيهر قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ پيپلزپارٽي ۾ ٻيهر شامل ٿي ويو. 2002ع ۽ 2008ع  ۾ ٻيهر قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو ۽ تعليم واري وفاقي وزير جي عهدي تي فائز رهيو ۽ 2013ع ۾ هو صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيو ۽ صوبائي وزير طور فرض سرانجام ڏئي رهيو هو. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ سندس خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. ايوان متفقه طور تي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي عاصمه جهانگير جي لاڏاڻي کي قومي الميو قرار ڏيندي هڪ تعزيتي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ سندس عورتن جي حقن ۽ جمهوريت ۽ آئين جي حڪمراني،  پٺتي پيل طبقن جي حقن جي آواز اٿارڻ تي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ قاعدا معطل ڪري متفقه قرارداد جي منظوري ڏني وئي. قومي اسيمبلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سيد نويد قمر قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان عاصمه جهانگير جي عورتن جي حقن، جمهوريت ۽ آئين جي حڪمراني جي حوالي سان جدوجهد تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو ۽ سندس لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته عاصمه جهانگير سدائين مظلوم طبقن، سماجي براين جي خاتمي جي خلاف غريب، پٺتي پيل ۽ محروم طبقن جي لاءِ سدائين هڪ مضبوط آواز اٿاريو. هن ظلم خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ۽ مذهب ۽ صنف جي بنياد تي هر سطح جي فرقن جي خلاف آواز اٿاريو. قرارداد ۾ عاصمه جهانگير کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ويو ته انساني حقن جي پاسداري جي حوالي سان سمورا پارليامينٽرينز پرعزم آهن. عاصمه جهانگير انساني حقن جي علمبردار هئي، سندس لاڏاڻو قومي الميو آهي ۽ اسان سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهيون. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو ته عالمي انساني حقن جي پاسداري ۽ آواز بلند ڪرڻ تي سندس جدوجهد کي عالمي سطح تي نه رڳو تسليم ڪيو ويو پر سندس نالو 2005ع ۾ نوبل انعام جي لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو. هن ايران ۾ پڻ هر قسم جي متڀيد ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿاريو. سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ عظيم شخصيت کان محروم ٿي ويو آهي، سندس کوٽ سدائين محسوس ٿيندي رهندي.