عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
چيف جسٽس پاران اڳتي لاءِ سياسي ڪيس نه ٻڌڻ جو اعلان، وزيراعظم جي نااهلي لاءِ شيخ رشيد جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳتي سياسي ڪيس نه ٻڌڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي نااهلي لاءِ شيخ رشيد احمد جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته اسان سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، ريڪوڊڪ اسٽيل ملز جهڙن ڪيسن ۾ مداخلت نه ڪئي ويندي ان سان عالمي سطح تي پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو آهي، هاڻي ڪو به سياسي ڪيس نه ٻڌو ويندو نه ته  سڀئي سياست کي بنياد بڻائي اپيلون کڻي پهچي ويندا. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي نااهلي بابت شيخ رشيد احمد جي درخواست ٻڌڻي ڪئي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد ايل اين جي معاهدي ۾ مبينا ڪرپشن جي بنياد تي وزيراعظم کي نااهل ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ ۾ وڪيل لطيف کوسا چيو ته هي ڪيس ٽيون ڀيرو عدالت ۾ آيو آهي، ٽئي ڀيرا عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي وئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان کي حقيقتون ٻڌايون وڃن، وزيراعظم کي ڪهڙي آرٽيڪل تحت نااهل ڪريون، ايل اين جي جو معاهدو ٻن حڪومتن جي وچ ۾ ٿيو هو ۽ معاهدي ۾ ضروري شين جو خيال رکيو ويو هوندو، منهنجي خيال ۾ ايل اين جي جو معاهدو 184/3 تحت عوامي مفادن جي زمري ۾ نه ٿو اچي، ايل اين جي ڪرپشن ڪيس جي جاچ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران شيخ رشيد جي وڪيل ۽ چيف جسٽس جي وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي، شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته اسان جي اعمالن جي ڪري گجگوڙ ٿئي ٿي ۽ کنوڻ ٿئي ٿي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته کوسا صاحب اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو اها ته الله جي رحمت آهي جيڪي ٺڪاءُ ڪن ٿا اهي وسن نه ٿا توهان دليل ڏيو. چيف جسٽس چيو ته اسان انهن معاملن ۾ هاڻي مداخلت نه ڪنداسين، ريڪوڊڪ اسٽيل ملز وانگر اهڙن ڪيسن ۾ اسان مداخلت نه ڪنداسين، پهرين ئي اهڙن ڪيسن ۾ مداخلت جي ڪري عالمي طور تي ملڪ کي نقصان پهتو آهي، اسان هاڻي سياسي ڪيس نه ٻڌنداسين نه ته سپريم ڪورٽ ۾ وري سياست کي بنياد بڻائي اپيلون داخل ٿيڻ شروع ٿي وينديون. چيف جسٽس چيو ته ايل اين جي معاهدي ۾ ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب وٽ وڃو، نيب آزاد ادارو آهي، ملڪ ۾ ادارا ان لاءِ ٺاهيا ويا آهن ته هو قومي ناڻي جي سارسنڀال ڪن.