عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
پي ٽي آءِ جهانگير ترين جي سيٽ بچائي نه سگهي، ن ليگ اميدوار ڪامياب، جشن

لوڌران (م ڊ) لوڌران جي تڪ اين اي 154 جي ننڍي چونڊ ۾ 338 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي اميدوار محمد اقبال شاهه هڪ لک 16 هزار 590 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار ۽ جهانگير ترين جو پٽ علي ترين 91 هزار 2 سئو 30 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو. پنهنجي والد  جهانگير ترين جي سيٽ بچائي نه سگھيو، کيس 25370 ووٽن تان شڪست ملي. پيپلزپارٽي لوڌران جي ننڍي چونڊ مڪمل ناڪام رهي، پ پ اميدوار مرزا محمد علي بيگ 3 هزار هڪ سئو 70 ووٽ کڻي سگھيو، جڏهن ته آزد اميدوار  محمد اظهر 7 هزار 4 سئو 14 ووٽ حاصل ڪيا، ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي 2015ع ۾ آزاد اميدوار محمد صديق خان جي ناهلي بعد ننڍي چونڊ ۾ جهانگير ترين هڪ لک 38 هزار 7 سئو ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ننڍي چونڊ دوران 4 لک 31 هزار 2 ووٽرن لاءِ 338 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون هيون.پولنگ جو عمل شفاف رکڻ لاءِ پوليس جا 2 هزار ۽ پاڪ فوج جا 2 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي جا فرض سرنجام ڏئي رهيا هئا.