عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
ورلڊ ڪپ 2019ع کان اڳ ٽيم کي صحيح ٽريڪ تي آڻڻو پوندو: ڊيرن ليمن

سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي هيڊ ڪوچ ڊيرن ليمن چيو آهي ته ورلڊ ڪپ کان اڳ ٽيم کي صحيح ٽريڪ تي آڻڻو پوندو، محدود اوورن واري فارميٽ ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي هڪ سال کان مسلسل خراب رهي آهي، انگلينڊ ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي، ورلڊ ڪپ ۾ هن ڀيري ڪيترائي چئلينج سامهون هوندا، ٽائٽل جو دفاع، ڪاميابي ۽ انگلش پچز ۽ ڪنڊيشنز چئلينج کان گهٽ ناهن، هن چيو ته انگلينڊ ۾ هڪ ڀيرو ورلڊ ڪپ کٽي چڪا آهيون پر ان وقت ۽ موجوده دور جي رانديگرن ۾ وڏو فرق آهي، اڄڪلهه ڪرڪيٽ انتهائي تيز ٿي وئي آهي، جنهن ڪري وڏي پلاننگ سان ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي آهي.