عابد باڪسر کي پاڪستان منتقل ڪرڻ جون اميدون ختم، انٽر پول کيس آزاد ڪري ڇڏيو****ڀارت اسان تي دهشتگردي مڙهي ته ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: خواجا آصف****عدليا جو سمورو زور سياستدانن تي هلندو آهي، آمرن سامهون ڪجهه ڪرڻ جي همت نه اٿن: مريم نواز****ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، عملي سوڌو 66 ڄڻا اجل جو شڪار
بالي ووڊ ۾ هاڻي بولڊ منظرن وارين فلمن کي اهميت ملڻ لڳي آهي: ڪرشما شرما

ممبئي(ڪلچرل نيوز) راگني ايم ايم ايس ريٽرنز فيم اداڪارا ڪرشما شرما چيو آهي ته بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ هاڻي بولڊ منظرن وارين فلمن کي اهميت ملڻ لڳي آهي، جنهن ڪري اڪثر اداڪارائون هاڻي بولڊ ڪردارن کي ترجيح ڏئي رهيون آهن، هالي ووڊ سان مقابلي لاءِ انهي ٽرينڊ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، منهنجي بولڊ انداز کي شروع ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پر مون کي برو نه لڳو، ڇاڪاڻ ته آئون ڄاڻان ٿي ته غلط ناهيان، هن چيو ته فلم انڊسٽري ۾ منهنجي پسنديده اداڪارا ۽ آئيڊيل سني ليون آهي، سني ليون جي نقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان، منهنجي خيال ۾ بولڊ ڪردار ڪرڻ به هڪ قسم جو فن آهي، جيڪو هر ڪنهن کي ناهي ايندو.