ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
وڏو وزير پ پ جي فلاپ فلم ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪري پيو: لياقت جتوئي

~~ڪراچي (بيورو رپورٽ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ لياقت علي جتوئي چيو ته مراد علي شاهه پيپلزپارٽي جي فلاپ فلم ۾ ساهه وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآ هي دادو اسپتال ۾ دوري دوران هڪ رپئي جي بجيٽ جو اعلان نه ڪيو ويو جڏهن ته اسپتال جي حالت سڀني جي سامهون آهن اسپتال ۾ زرداري جي جيالن جي ڀرتي سبب هڪ ويڪسين به موجود ناهي 400 بيڊن واري اسپتال اڃان تائين اڌ ۾ رهيل آهي ان ڏانهن به وزيراعلي کي دورو ڪرڻ کپي ۽ ڪارڪردگي ڏيکارڻ گهرجي ها سڄي سنڌ لٽي تباهه و برباد ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پيپلزپارٽي کي عوام سان اچانڪ همدردي شروع ٿي وئي آهي ،  مراد علي شاهه سنڌ جو فلاپ ۽ نااهل وزيراعلي ثابت ٿي چڪو آهي جنهن جو رموٽ ڪنٽرول بلاول هائوس مان هلي رهيو آهي مراد علي شاهه عمران خان تي تنقيد ڪري پنهنجو سياسي قد وڌائڻ جو ڪوشش ڪري رهيو آهي عمران خان نه صرف نوجوانن پر پوري قوم جو ليڊر آهي مراد علي شاهه پگهار ته عوام جي پئسي مان کڻي رهيو آهي پر نوڪري آصف ۽ بلاول زرداري جي ڪري رهيو آهي وزير اعلي بلاول زرداري کي ٻڌائي ها ته سيوهن واقعي بعد منهنجي شهر ۾ هڪ ايمبولينس به موجود نه هئي عمران خان جي جدوجهد انهن چورن لٽيرن جي خلاف آهي جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڪردار اڳڀرو آهي .