ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
ق ليگ جو عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو نئون وڏو وزير چونڊجي ويو، ڪابينا سميت قسم کنيو

~~ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ (ق) جي عبدالقدوس بزنجي کي بلوچستان جو نئون وزيراعليٰ چونڊيو ويو آهي. بلوچستان اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر راحيلا دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته شروعات ۾ قصور ۾ ٿيل نينگري زينب ۽ ايئر مارشل رٽائرڊ اصغر خان سميت ڪوئيٽا ڌماڪي جي شهيدن لاءِ فاتخه خواني ڪئي وئي. اسيمبلي اجلاس ۾ اسپيڪر ميمبرن کي قائد ايوان جي چونڊ جو طريقيڪار ٻڌايو جنهن بعد نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ راءِ شماري ڪئي وئي. اسيمبلي ۾ عبدالقدوس بزنجي جي حمايت ميمبرن لاءِ اي ۽ لياقت علي جي حامي ميمبرن لاءِ بي لابي ٺاهي وئي، جڏهن ته صوبي جي نئين وزيراعليٰ جي چونڊ هٿ مٿي ڪري ڪئي وئي. اسيمبلي ميمبرن جي اڪثريت مسلم ليگ ق جي عبدالقدوس بزنجي کي نئون قائد ايوان چونڊيو، وزيراعليٰ چونڊجڻ کانپوءِ وزيراعليٰ عبدالقدوس بزنجو ايوان ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان جمهوري طريقي سان تحريڪ عدم اعتماد آندي، هاڻي ڪابه طاقت جمهوريت کي ڊي ريل نٿي ڪري سگهي، ثناءُ الله زهري جمهوري انداز ۾ مستعفي ٿيو جيڪو عمل قابل تحسين آهي، آئون سندس احترام ڪريان ٿو ۽ ساڻس ملڻ به ويندس. عبدالقدوس بزنجو چيو ته ميمبرن فنڊن ۽ مختلف آڇون ٿڏي اسان جو ساٿ ڏنو، آئون انهن سڀني ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، جن پارٽي کان مٿانهون ٿي ڪري منهنجو ساٿ ڏنو. واضح رهي ته عبدالقدوس بزنجو 2013ع جي عام چونڊن ۾ رڳو 544 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. عبدالقدوس بزنجو پهرين جنوري 1974ع تي بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ جنم ورتو، هن پهريون ڀيرو 2002ع ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ صوبائي تڪ پي بي 41 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻئي طرف بلوچستان جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ عبدالقدوس بزنجو پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، بلوچستان جي گورنر محمد خان اچڪزئي عهدي جو حلف ورتو، بلوچستان اسيمبلي ۾ ايوان جي سربراهه لاءِ ووٽنگ ٿي، اسيمبلي ۾ قائد ايوان لاءِ گڏيل طور تي 54 ووٽ وڌا ويا جنهن مان عبدالقدوس بزنجو 41 ۽ سيد لياقت علي 13 ووٽ حاصل ڪيا. ائين عبدالقدوس بزنجو چار سالن ۾ ٽيون وزيراعليٰ چونڊجي ويو. اهڙي طرح بلوچستان ۾ نوازليگ جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو ۽ هاڻي صوبي ۾ ق ليگ حڪمران جماعت بڻجي چڪي آهي. نئين وزيراعليٰ کانپوءِ بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا به حلف کڻي ورتو، جن ۾ طاهر محمود، سرفراز بگٽي، سرفراز ڊومڪي، نواب چنگير مري، عبدالماجد ابڙو، عاصم ڪرد، راحت جمالي، اڪبر آسڪاڻي، دستگير باديني، عامر رند ۽ جعفر مندوخيل شامل آهن. منظور ڪاڪڙ، سيد محمد رضا ۽ پرنس احمد علي به حلف کنيو.