ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
سي پيڪ خطي ۾ گيم چينجر طور ثابت ٿي رهيو آهي: نواز شريف

~~لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان چين جي سفير يائو جنگ جاتي امرا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ پاڪ چين معاشي لاڳاپن تي ڳالهيون ٿيون. ملاقات دوران سي پيڪ جي منصوبن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته سي پيڪ خطي ۾ گيم چينجر ثابت ٿي رهيو آهي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪ چين دوستي مثالي آهي ۽ ان کي وڌيڪ مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ جو منصوبو پاڪ چين دوستي جو بهترين مثال آهي ۽ اسان ان مثالي دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ نه رڳو پاڪستان بلڪه خطي ۾ گيم چينجر طور ثابت ٿي رهيو آهي.