ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
ڪراچي ايئر پورٽ ۽ مهراڻ بيس حملن ۾ ملوث 4 دهشتگرد مبينا مقابلي ۾ مارجي ويا

~~ڪراچي (رپورٽ راهب ڳاهو) ڪراچي پوليس ايئرپورٽ ۽ مهراڻ بيس حملن ۾ ملوث جوابدارن کي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي ملير رائو انور جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف ٽائون جي علائقي خاصخيلي ڳوٺ ۾ ٿيل پوليس مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل جوابدارن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته پابندي مڙهيل جماعت جي دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي پوليس ڇاپو هنيو ته  ته جنهن تي جوابدارن دستي بم سان حملو ڪري ڏنو. پوليس جي جوابي ڪاروائي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. جنهن ۾ پابندي مڙهيل لشڪر جنگوي جو دهشتگرد مولوي الياس ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراهه حڪيم الله مسعود جو گن مين به شامل آهي هن وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد ايئرپورٽ مهراڻ بيس حملي امام بارگاهه پوليس ۽ رينجرز تي حملن ۾ به ملوث هئا. مارجي ويل جوابدارن جي باقي سڃاڻپ ٿيل جوابدارن جي لاشن جي سڃاڻپ جاري آهي.