ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
سپريم ڪورٽ مارڪيٽن مان دٻي وارو کير اڄ ئي کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

~~ڪراچي (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مارڪيٽن مان دٻي وارو کير اڄ ئي کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن سپريم ڪورٽ رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار ،جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ پيڪٽ جي ناقص کير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پيڪٽ جي کير جا سمورا نمونا پي سي ايس آءِ موڪلڻ جو حڪم ڏنو ۽ کير جي نمونن جي ٽيسٽ جي ذميواري فيصل صديقي ايڊووڪيٽ کي سونپي وئي. چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي حڪم ڏنو ته کير جي پروڊڪٽس ٽيسٽ لاءِ موڪليو.  جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته  پيڪٽ ۾ وڪرو ٿيندڙ کير، کير نه فراڊ آهي، هي اڇو مادو آهي، ڪٿي پيڪٽ جي کير ۾ يوريا ته شامل نه آهي، هن حڪم ڪيو ته اڄ ئي مارڪيٽن مان کير جي سمورن برانڊز جون شيون کنيون وڃن. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪم ڏينداسين ته پيڪٽ تي لکيو وڃي ته هي کير جو نعم البدل آهي.  چيف جسٽس چيو ته پنجاب ۾ ڪروڙين رپيه لڳائي ليبز ٺيڪ ڪرايون ويون آهن، سنڌ ۾ فوڊ اٿارٽي ئي ناهي، سنڌ سرڪار ڇا ڪري رهي آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته فوڊ اٿارٽي قانونسازي ڪري ڇڏي آهي ۽ فنڊ مخصوص ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته اٿارٽي ٺهندي رهندي، ڇا تيستائين شهرين کي غير معياري کير پياريو ويندو.چيف جسٽس ميهنن کي لڳندڙ  سمورين انجڪشن تحويل ۾ وٺڻ جو به حڪم ڏنو آهي .عدالت 15 ڏينهن جي اندر سموران نمونن جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وڃي