ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
ڀارت جيڪڏهن آزمائڻ چاهي ٿو ته ڪوشش ڪري اسان جي ايٽمي طاقت کيس منهن ڏيڻ لاءِ ئي آهي: پاڪ فوج

~~راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي آرمي چيف جي بيان بازي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙو غير ذميدار بيان هڪ ذميدار شخص طرفان اچڻ افسوسناڪ آهي، سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان تي جارحيت مڙهڻ ڀارت جي خواهش ٿي سگهي ٿي، پر جيڪڏهن ڀارت اسان جو حوصلو پرکڻ چاهي ٿو ته ڪوشش ڪري ڏسي وٺي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت چيو هو ته پاڪستان کي تڪليف جو احساس ڏيارڻ اسان جي پاليسي آهي ۽ هن پاڪستان جي جوهري صلاحيت کي ڌوکو قرار ڏنو. انهي بيان جي ردعمل ۾ پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف ڪابه ڀارتي مهم جوئي جو واضح جواب ڏنو ويندو، ڀارت اسان جو عزم آزمائڻ چاهي ٿو ته آزمائي وٺي، ڀارت سان جي عزم کي آزمائڻ جو پاڻ نتيجو ڏسندو. هن خبردار ڪندي چيو ته پاڪستان وٽ مستند جوهري صلاحيت موجود آهي، پاڪستان وٽ ائٽمي صلاحيت اوڀر سرحد تي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ آهي، هن چيو ته آرمي چيف جي ذميدار مقرري هوندي آهي، ڀارتي آرمي چيف جو اهو بيان افسوسناڪ آهي، اهڙو غير ذميدار بيان اهم عهدي تي موجود شخص کي نٿو جڳائي، ڀارتي آرمي چيف جو بيان ٻاراڻو آهي، پاڪستان جي ائٽمي طاقت ئي ڀارت کي جنگ کان روڪي رکيو آهي، اسان پاڪستان جي خلاف ڪنهن به ڀارتي مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏينداسين، اسان جوهري هٿيارن کي پهرين ترجيح نه بلڪه دفاعي ۽ مزاحمتي هٿيار سمجهون ٿا، ٻن جوهري هٿيارن جي حامل ملڪن وچ ۾ جنگ جي گنجائش موجود ناهي، پاڪستان جي ائٽمي طاقت ملڪ بڻجڻ بعد جيڪڏهن ڀارت روايتي طريقن سان پاڪستان تي غالب ٿيڻ جي صلاحيت رکندو هجي ها ته هينئر تائين هو ائين ڪري چڪو هجي ها. هن چيو ته ڀارت رياستي دهشتگردي ذريعي اسان کي نشانو بڻائي رهيو آهي، پر ڀارت ڪنهن خوش فهمي ۾ نه رهي، ڇوته هو رياستي دهشتگردي ۾ به ناڪام ٿي چڪو آهي.