ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
پوليس جاچ درست نٿي ڪري ۽ ڪيسن ۾دير جو الزام عدليه تي هنيو ويندو آهي: چيف جسٽس

~~ڪراچي (رپورٽ ضياءُ قريشي)   چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته جانچ درست نه ٿيندي آهي، ڪيسن ۾ دير جو الزام وري عدليه تي هنيو ويندو آهي، ڇا پارليامينٽ ڪا قانونسازي ڪئي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري  ۾ جڊيشنل پاليسي واري اجلاس سان خطاب ڪندي چيف جسٽس اهڙو اظهار ڪيو آهي. اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورن  هاءِ ڪورٽ جي ججن ،شريعت ڪورٽ جي چيف جسٽس ،سپريم ڪورٽ جا جج ۽ جڊيشنل آفيسرن شرڪت ڪئي .چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس  ثاقب نثار چيو ته اسان پارليامينٽ نه آهيون ۽ نه وري قانونسازي ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته چڱي نموني خبر آهي ته جيترا به ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن اوترا وسيلا نه آهن. سندس چوڻ هو ته هڪ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي ته قانوني دائري ۽ ساڳين ججن جي تعداد سان هر هنڌ قانون موجب جلد ڪم ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته انصاف ۾ دير هڪ وڏو مسئلو آهي، ماڻهن کي ملڪ ۾ سستو انصاف ملڻ گهرجي، ماڻهن کي شڪايت آهي ته جلد انصاف نه ٿو ملي، جيستائين سڄي دنيا ۾ شڪايت رهندي آهي ڪيسن ۾ دير ٿيندي آهي. هن چيو ته مون کي سڀ کان سٺو ڪم پنجاب ۾ نظر آيو آهي، انفارميشن ٽيڪنالوجي استعمال ڪئي پئي وڃي، پنجاب ۾ ماڊل ڪورٽس قائم ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ هو ته عدالت ۾ وڃڻ جي خوف کان گهڻا ماڻهو پاڻ مسئلا حل ڪن ٿا.هن چيو ته جيل ۾ هڪ سال گذارڻ به مشڪل هوندو آهي، جن ڪيترائي سال جيل ۾ گذاريا تن بابت ڇا ڪيو وڃي. چيف جسٽس چيو ته اجلاس جو مقصد عدالتي سڌارن  جي مهم تيز ڪرڻ آهي، ڪيس تيزيءَ سان اڪلائڻ جو سڌو فائدو سائلين کي ٿيندو.  چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان کي ڏسڻو آهي ته ڪيترا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ڇا  هڪ جج لاءِ ممڪن آهي ته ايتري ٿوري عرصي ۾ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي سگهي. هن چيو ته ٽرائل لاءِ ججن وٽ 150 کان 145 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن، ٻن منٽن کان وڌيڪ وقت هڪ ڪيس ۾ لڳندو آهي،  ڇا هڪ جج وٽ ايترو وقت آهي. سندس چوڻ هو ته دير جو الزام آخرڪار عدليه تي ئي لڳندو آهي، جج ڪيسن کي اڪلائي نه ٿو سگهي ته ڇا ڏوهاري آهي؟ ڇا ڊسٽرڪٽ يا سول جج جو ڪم نه ٿي رهيو آهي؟  چيف جسٽس چيو ته جمهوريت ۾ اهم آهي ته ٻي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪئي وڃي، ڇا قانون کي پارليامينٽ مان اپ ڊيٽ ڪيو ويو آهي، مان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيو آهيان. هوڏانهن ٽين جوڊيشل صوبائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار چيو ته آئين جي آرٽيڪل چار تحت انصاف هر شهري جو حق آهي. جج ٽن مهينن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪن هر جج جي هڪ ئي ذميواري آهي ته انصاف قانون مطابق ڪرڻ آهي. هڪ جج وٽ روزانو 150 ڪيس اچن ٿا. هڪ ڪيس جي لاءِ جج وٽ چند منٽ هوندا آهن ڪم جي اهڙي دٻاءُ هيٺ فوري طور تي انصاف فراهم ڪرڻ مشڪل آهي. هن چيو ته اسانکي پنهنجي گهر کي منعظم ڪرڻ آهي ۽ متحد ٿي منعظم ڪرڻ آهي مهينن کانپوءِ ڪيس جي ٻيهر سماعت جي حق ۾ نه آهيان هن اهي ڳالهيون مقامي هوٽل ٽين جوڊيشل صوبائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيون. ڪانفرنس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس صاحبان، ضلعن جي سيشن ۽ سول جج صاحبان، هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيو ته مان 15 ڏينهن جو وقت ڏيان ٿو. جنهن دوران اسان کي پنهنجي گهر کي منعظم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ڪيترائي سال پراڻن قانونن مطابق فيصلو ڪندا آهيون. هن چيو ته مان هتي آيس ته پرچو ڏٺم جنهن تي لکيل هو ته انصاف سڀني لاءِ آهي. هن چيو ته انصاف پنهنجي مرضي جو نه پر قانون مطابق هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڇا انصاف جو ادارو حق نه ٿو رکي ته ان کي سهولت جي لاءِ شيون فراهم ڪيون وڃن. قانون مطابق مقننه جو ڪم آهي ۽ ان تي عمل ڪرائڻ عدليه جو ڪم آهي. ائين نه ٿئي جو ڪنهن هڪ جي ڪوتاهي عدليه جي لاءِ بدنامي جو داغ بڻجي وڃي. هن چيو ته اسانکي قانون ٺاهي ڏنو وڃي. پوءِ جج ڪوتاهي ڪن ته آئون ذميوار ٿيندس. هن چيو ته قانون مونکي ناهي ٺاهڻو ڪنهن ٻئي کي ٺاهڻو آهي. مونکي قانون جي تشريح ڪرڻي آهي. هن چيو ته عدليه کي جيڪي اختيار قانون نه ڏنا آهن اهي استعمال نه ڪرڻ گهرجن. هر ڪانفرنس ۾ انهن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون آهن پر ان تي عمل ٿيڻ به ضروري آهي. ماڻهن کي شڪايت آهي ته انصاف قانون مطابق ۽ وقت تي نه ٿو ملي. جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. انصاف وقت تي ڪرڻ اسان جي ڊيوٽي آهي. هر جج جي هڪ ئي ذميداري آهي. اهو انصاف ڪرڻ آهي ۽ قانون مطابق ڪرڻو آهي. اڄ ڪلهه جيڪي فيصلا اچن ٿا انهن ۾ مرضي ذياده شامل آهي جيڪي آرڊر اچن ٿا انهن ۾ قانوني پهلوءِ گهٽ نظر اچن ٿا انصاف ۾ دير ٿيڻ ٻيو وڏو مسئلو آهي پر ان جي ذميداري مڪمل طور تي عدالتن تي نه آهي. وقت تي قانون مطابق انصاف ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي. هن چيو ته هر ڪنهن کي انصاف جي لاءِ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. اسان پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻ نه ڇڏي سگهون. لکن جي تعداد ۾ هن وقت ڪيس سماعت هيٺ آهن. هڪ سول جج وٽ روزانو 150 جي لڳ ڀڳ ڪيس آهن. بدقسمتي سان جوڊيشل فورم تنقيد جي ور چڙهيل آهي. جنهن جو هڪ سبب دير آهي. انصاف جي فوري فراهمي نه ٿيڻ جا مختلف سبب آهن. انصاف جي فراهمي ۾ دير هڪ وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته هڪ سول جج ۽ سپريم ڪورٽ جي جج ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي. اختيار شايد سپريم ڪورٽ جي جج وٽ وڌيڪ هجن ذميداري سڀني جي يڪسا آهي. هن چيو ته قانون مطابق اپگريڊ ڪيو وڃي پوءِ ڪوتاهي ٿيندي ته ذميداري کڻندس. چيو وڃي ٿو ته قانون ۾ سڌارا ٿيڻ گهرجن. قانون ۾ سڌارا ڪنهن کي ڪرڻا آهن ؟ ججن جي ديانتداري ۾ ڪنهن کي شڪ نه ٿيڻ کپي. آئين جي رهنمائي ڏني آهي ته پارليامينٽ سپريم آهي. قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جي ذميداري آهي. سمورا شهري قانون جي پاسداري جا پابند آهن. آئين جي آرٽيڪل 212 ۾ تبديلي جي ضرورت آهي.  انصاف وقت ۽ قانون مطابق ڪرڻ اسان جي ذميداري آهي. آئين ۽ قانون مطابق عوام کي هن اداري مان انصاف جي اميد آهي. هن چيو ته ماڻهن کي شڪايت آهي ته انصاف جلد نه ٿو ملي. انصاف جي فراهمي ۾ دير وڏو مسئلو آهي. هن چيو ته اسانجي ذميداري آهي ته قانون سکون ۽ لڳو ڪيون. چيو وڃي ٿو ته ڪيترن ئي قانونن م سڌارا آندا وڃن. هن سوال ڪيو ته قانون ۾ سڌارا ڪنهن کي آڻڻا آهن .