ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻيو مبينا مقابلو، نوجوان شهري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي حالت ۾ گرفتار****ڪابل ۾ دهشتگردن جو هوٽل تي حملو، 21 ماڻهو گولين جو کاڄ بڻجي ويا، هڪ دهشتگرد به مارجي ويو****حافظ سعيد دهشتگرد ناهي، حسين حقاني پئسن عيوض پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: پرويز مشرف****سنڌ سرڪار کي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل عام تي جواب ڏيڻو پوندو: مشاهد الله خان
سنڌ اسيمبلي ۾ معصوم زينب سان زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور

 ڪراچي (رپورٽ ضياءُ قريشي) سنڌ اسيمبلي قصور ۾ معصوم نينگري زينب سان زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي يڪراءِ سان مذمتي ٺهراءَ منظور ڪري ورتو آهي، ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهڙي ڏوهه ۾ ملوث شخص کي فوري طور تي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ٺهراءَ ۾ زينب جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو پڻ اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته زينب سان جيڪو ڀيانڪ واقعو پيش آيو آهي اهو اسان جي معاشري لاءِ هڪ سبق آهي، اسان سڀني کي پنهنجي ٻارڙن کي اهڙن دردندن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. اهڙو ٺهراءَ گڏيل طور سينيئر وزير نثار کهڙو، فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي، پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سيما ضياءَ، پ پ جي خيرالنساءَ مغل ۽ ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر هير اسماعيل سوهو پيش ڪيو. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي ميمبرن سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهڙن درنده صفت ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن جيڪي معصوم ٻارڙن سان ظلم ڪندا آهن، اهڙن ماڻهن کي نه صرف کلي عام ڦاهي ڏني وڃي پر انهن جا ٽڪڙا ٽڪڙا ڪيا وڃن. ميمبرن اهو به مطالبو ڪيو ته ٻارڙن جي تحفظ لاءِ اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن بعد اهڙا واقعا ٻيهر رونما نه ٿين ۽ اهڙي قسم جو ڏوهه ڪندڙ ڏوهه ڪرڻ کان پهرين هزار دفعا سوچين. ٺهراءَ تي ڳالهائيندي نثار کهڙو چيو ته قصور واقعو انتهائي دردناڪ آهي، اهڙي قسم جي واقعن ۾ ملوث ماڻهو رحم جا مستحق ناهن. ايم ڪيو ايم جي هير اسماعيل سوهو چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي تحفظ جي به تربيت ڏيڻ گهرجي، ان حوالي سان ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته قصور جو واقعو انتهائي ڀيانڪ آهي. هن ايوان کي ٻڌايو ته اپوزيشن اڳواڻ خواجه اظهار الحسن سنڌ جي عوام ۽ نمائندن طرفان معصوم ٻارڙي زينب جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪرڻ قصور ڏانهن ويل آهي. فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته اهڙي قسم جا واقعا اڪثر ٿيندا رهندا آهن ۽ ملوث درندا آزادي سان گهمندا رهندا آهن ڪنهن به ٻارڙي سان اهڙو واقعو پيش اچي سگهي ٿو ڇا اسان پنهنجي ٻارڙن کي گهرن ۾ قيد ڪري ڇڏيون، سڀني ماڻهن کي سوچڻو پوندو ۽ اهڙي درندگي کي روڪڻ لاءِ ملوث درندن کي سرعام ڦاهو ڏنو وڃي. نصرت سحر عباسي جي جذباتي تقرير تي ايوان ۾ پڻ هڪ ڏکوئيندڙ خاموشي پيدا ٿي وئي. صوبائي وزير شميم ممتاز چيو ته معصوم زينب جي قتل جو واقعو انتهائي دردناڪ آهي پر پنجاب اندر عورتن کي ننگو ڪرڻ، ٻارڙن کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ جا ويڊيوز ٺهندڙ واقعا ٿيندا رهن ٿا، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ٻارڙن جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪري ۽ عالمن کي به گهرجي ته هو پنهنجي خطبن ۾ ان بابت ماڻهن کي آگاهه ڪن. اهڙن واقعن جي ڪيسن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالتن ۾ هلڻ گهرجي ۽ بغير ڪنهن تاخير جي فيصلا ٻڌايا وڃن، اهڙي واقعن تي سڀ مائرون روئي رهيون آهن. ايم ڪيو ايم جي ناهيد بيگم چيو ته اسان شرمنده آهيون جو زينب کي بچائي نه سگهياسين. پ پ جي خير النساءَ مغل چيو ته زينب جي واقعي تي انسانيت لڏي وئي آهي ۽ ڏينهن رت جي گوڙها روئي رهيا آهن، قصور ۾ پهريان به 12 واقعا ٿي چڪا آهن. هن هڪ مثال ڏيندي چيو ته ايران ۾ اهڙي واقعي ۾ ملوث مجرم کي عوامي سطح تي سر عام ڦاهو ڏنو ويو هو اسان کي به اهڙي قانونسازي ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي ڊاڪٽر سيما ضياءَ چيو ته زينب جي واقعي هانءُ ڏاري وڌو آهي، اها اسان جي حڪومتن جي ناڪامي آهي پر ماڻهن جي احتجاج ثابت ڪيو آهي ته انسان اڃا به زنده آهن. هن احتجاج ڪندڙن تي پوليس پاران ڪيل فائرنگ جي مذمت ڪئي. (ن) ليگ جي سورٺ ٿيٻو ڳالهائيندي چيو ته زينب جي واقعي تي پاڪستان جي هر ماءُ ڏکويل آهي، اهڙا واقعا صرف پنجاب نه پر سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ به ٿي رهيا آهن، سنڌ ۾ فضيلا سرڪي ۽ تانيا خاصخيلي جا واقعا به ٿي چڪا آهن پر فضيلا ۽ تانيا جا والدين هن وقت تائين انصاف لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، بااثر ماڻهو جوابدارن کي بچائيندا آهن ۽ عدالتن ۾ فيصلا ناهن ٿيندا. سڌسماءَ واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته معصوم زينب جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي. قصور ۾ پوليس جو رويو انتهائي غلط هو ۽ معصوم ماڻهن تي گوليون هلايون ويون.